ديوان حضور

ديوان حضور

ديوان حضور

ديوان حضور (ڪتاب): هي شاعريءَ جو مجموعو فقير سيد حضور بخش شاھہ جو آهي، جنهن کي فقير محمد عليءَ مرتب ڪيو آهي. فقير محمد علي ’پنھنجي پاران‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”فقير سيد حضور بخش شاھہ انهن درويشن ۽ عاشق شاعرن مان هڪ آهي، جن پنھنجي شاعراڻي ڏات وسيلي عام انسانن جي ظاهري ۽ باطني رهنمائي ڪئي ۽ گناهن جي پستين مان ڪڍي عشق الاهيءَ سان همڪنار ڪيو. فقير حضور بخش نقوي سيدن مان آهي.“ هن ديوان ۾ سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ شعر موجود آهن، سنڌيءَ ۾ 79 ڪلامن کان سواءِ پنجاھہ بيت بہ شامل آهن ۽ اردو ڪلام ۾ 18 غزل آهن. ديوان حضور رديفن مطابق الف ب وار ترتيب سان نہ آهي. ڊيمي سائيز چار رنگي ٽائيٽل سان 174 صفحن تي مشتمل هي ديوان فقير سيد صحبت علي شاھہ ادبي سنگت 2001ع ۾ شايع ڪرائي پڌرو ڪيو. پڪي جلد واري هن ديوان جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي.


لفظ ديوان حضورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو