ديوان خاڪي

ديوان خاڪي‘ (ڪتاب): هي غزلن جو ديوان نامور عالم ۽ شاعر ديوان ليلارام سنگهہ وطڻ مل ’خاڪيءَ‘ جو آهي. ديوان صاحب علم موسيقي ۽ علم عروض جو وڏو ڄاڻو هو. پنھنجي وقت (1941- 1868) ۾ غزل گُو شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو ويندو هو. ديوان خاڪيءَ جا سمورا غزل علم عروض تي پختا آهن. سندس غزلن جي خصوصيت اها آهي تہ ٽن چئن غزلن کان سواءِ باقي هر هڪ غزل ۾ فارسي، اردو، هندي، پنجابي، سرائيڪي ۽ سنڌيءَ جا لفظ گڏ وچڙ ڪم آيل آهن. اضافتون فارسي تہ فعل سنڌي، فعلي صورتون فارسي تہ باقي لفظ هندي، پنجابي وغيرہ. فعلي صورتون هندي، پنجابي ۽ سرائيڪي تہ باقي لفظ سنڌي وغيرہ. هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
ﷲ ڄاڻي جو ملڪان دي فتح ڪجهہ ٻيا يارا،
فتح هي ملڪ دل دي وي سڪندر خود هوس دارا.
اسان وچ ويک تون درياه، خضري نام آن ظلمات،
سڪندر بن ڪي اوپر آ اهي انفاس انڌارا.
(حوالو: سنڌ جي ادبي تاريخ، صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو