ديوان سنجر (ڪتاب): ديوان سنجر مرزا غازي بيگ ترخان جي خاص مصاحب سنجر ڪاشانيءَ جي فارسي شعرن جو مجموعو آهي. هي مرزا جاني بيگ ترخان ۽ مرزا غازي بيگ ترخان جي درٻار سان وابستہ هو. مير محمد هاشم طباطبائي ڪاشاني ’سنجر‘ سيد خاندان مان هو. اڪبر بادشاھہ جي سنڌ فتح (1000 ھہ/ 1591ع) ڪرڻ کان ٿورو پهرين سنجر ڪاشاني مرزا جاني بيگ ۽ سندس پٽ مرزا غازي بيگ جي قدر افزائيءَ کان اهڙو تہ متاثر ٿيو جو ٻنهي پيءُ پٽ جي مدح ۾ قصيدا چيائين. مرزا غازيءَ جي مدح ۾ چيل قصيدي جو رديف ٺٽو آهي:
من بلبل گلستانِ تته،
من راوئي داستانِ تته.
[ترجمو: آءٌ ’گلستان ٺٽي‘ جي بلبل آهيان،
آءٌ ٺٽي جي داستان جو راوي آهيان.]
ديوان سنجر ۾ غزل، رباعيون، مثنويون، قطعه تاريخون ۽ قصيدا شامل آهن. جيئن تہ هي ٺٽي ۾ رهي اهڙو تہ متاثر ٿيو، جو مرزا غازي بيگ جي مدح ۾ چيل قصيدي جو رديف ٺٽو رکيائين ۽ پاڻ کي ٺٽي شھر جي گلستان جي بلبل سڏيو اٿس. هن جي ديوان جا سنڌ ۾ ٻہ قلمي نسخا موجود آهن. هڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻيو مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.