ديوان شاڪر (ڪتاب): ديوان شاڪر ٺٽي جي شاعر محمد شاڪر ’شاڪر‘ جي غزلن جو مجموعو آهي. شاڪر پنھنجي تعليم مشھور محقق ۽ شاعر مخدوم محمد ابراهيم ’خليل‘ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن شاعريءَ جي سکيا غلام مرتضيٰ شاھہ ’مرتضائيءَ‘ کان ورتي ۽ زمان شاھہ ’ساقي‘ وري شاعريءَ ۾ محمد شاڪر کي پنهنجو استاد ورتو. ڊاڪٽر اياز حسين قادري ڪتاب ’غزل جي اوسر'>سنڌي غزل جي اوسر‘ ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: ”محمد شاڪر تخلص شاڪر، صاحب ديوان شاعر هو. هن جي غزلن تي پنھنجي استاد غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائيءَ جو رنگ چڙهيل آهي. غزلن ۾ پارسي لفظ ۽ ترڪيبون پڻ نظر اچن ٿا. ديوان ۾ غزل رديفن مطابق الف- ب وار ترتيب سان رکيل آهن. ديوان شاڪر قلمي صورت ۾ ٺٽي ۾ سندس اولاد وٽ محفوظ آهي، ان کانسواءِ ’علي محمد شاڪر ٺٽوي ۽ ان جو ڪلام‘ جي نالي سان سنڌالاجيءَ ۾ پڻ هڪ قلمي مونوگرام موجود آهي. اهي ٻئي نسخا شايع نہ ٿيا آهن.