
ديوان شرفا خان جو مقبرو
ديوان شرفا خان جو مقبرو: مڪلي، ٺٽي ۾ موجود هيءُ مقبرو احاطي اندر وچ تي ٺھيل آھي. ھن وقت ان احاطي جون ڀتيون ٻيھر جوڙايون ويون آھن، پر اولاھين ڀت جا ڪجهہ اصل آثار بيٺل آھن. احاطي کي ڏکڻ ۾ ھن وقت ھڪ جديد دور جو دروازو لڳل آھي. احاطي جي اولاھين رھيل ڀت تي مسجد جا آثار آھن. اھا مسجد احاطي جي ڪنڊ وٽ آھي، جنھن جو محراب ٻاھر نڪتل ۽ ان جي ٻي ٻانھينءَ تي ونگن وارا چار پانيل ٺھيل آھن. انھن پانيلن تي ۽ پانيلن جي وچ وارين ڀتين تي نقش نڪتل آھن. گهڻو ڪري نيري ڪاشيءَ واريون سرون ڪتب آندل آھن. ساڳيون ڪاشيءَ جون سرون محراب جي واڌوڙي تي بہ لڳل آھن.
اصل مقبرو سرن جي پليٽ فارم تي ٺھيل آھي. جيڪو رٿ ۾ چورس آھي. ھن مقبري جون ڪنڊون ٻين مقبرن وانگر مسطح (Chamfered) نہ آھن؛ جيئن سلطان ابراھيم جو مقبرو وغيرہ. گول منارا ڪنڊن تي ٺھيل آھن، جن ۾ اندر ڏاڪا مٿي چڙھڻ لاءِ ٺھيل ھئا. انھن ئي ڪنڊن تي ڪجهہ تبديليءَ سبب ھيءُ مقبرو ٻين مقبرن کان مختلف ٿو نظر اچي، نہ تہ سلطان ابراھيم جي مقبري جهڙو ئي آھي. جيئن ان زماني جي رواج هو. گنبذ -ڳچ (Drum) گول ٺهيل آھي، جنھن جي ڪنڌيءَ (Collar) تي نيريون ڪاشيءَ جون سرون لڳل آھن. گنبذ مخطروطي (Conical) نموني جو آھي. ان جي مٿان لڳل ڪلسو ٽُٽي پيو آھي. ڀتين تي ھلڪي نيري رنگ جون ڌارون نڪتل آھن، پر اھي ھاڻي پنھنجو زيب وڃائي چڪيون آھن. لنگهه وٽ چار ونگون ٺھيل آھن، پر اصل وڏي ونگ وٽان لنگهہ ۾ پٿر جو چوکٽ لڳل آھي. جنھن تي قرآني آيتون اڪريل آھن. ونگن ۽ پانيلن تي بہ ڪاشيءَ جو سٺو سينگار ٿيل آھي. اندر بہ مقبرو چورس آھي، پر جوڙ- ڪنڊون(Squincles) ڏيڻ سان اٺڪنڊو نظر اچي ٿو.
مقبري ۾ اندر ھيٺ فرش تي ڪل ست قبرون آھن. مکيہ قبر جنھن تي تاج ٺھيل آھي، سا شرفا خان جي آهي. اھا قبر ھڪ ٿلھي تي آهي، ٿلھي کي پٿرائون لوڙھو ڏنل آھي. ان لوڙھي تي بہ گل چٽ نڪتل آھن. بٺيءَ تي ڪلمو پاڪ ۽ ڪجهہ فارسيءَ جون لکتون ملن ٿيون.
ھينري ڪزنس ھن اڏاوت کي 1871ع ۾ ڏٺو ۽ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جا قديم آثار‘ (Antiquities of Sindh) ۾ هن تي نوٽ لکيو آهي، جنهن موجب جڏهن هن ڏٺو تڏهن گنبذ مخروطي هو ۽ ان جي مٿان تاج لڳل ھو، پر ھينئر اهو تاج ڪونه ٿو ملي. ڀتين تي تکي ۽ ھلڪي نيري رنگ واري ڪاشيءَ جي سرن جو استعمال گهڻو آھي. وڏين ونگن سان چار لنگهہ جا دروازا آھن، پر رڳو ڏکڻ واري سنگي چؤڪٺ ۾ لڳل دروازي جي مٿان پانيلن تي قرآني آيتون درج ٿيل آھن ۽ پانيل تي بہ نقش ٿيل آھن. فرش تي ڪل ست قبرون آھن. مک قبر جي بٺيءَ تي وڏو تاج مھاڙي تي لڳل آھي ۽ ڪٽھڙي ۾ بند آھي، سا شرفا خان جي قبر چئي وڃي ٿي. بٺي تي ڪلمو پاڪ ۽ ٻيون قرآني آيتون لکيل آھن. قبر پٿر جي آھي.