ديوان طالب

ديوان طالب

ديوان طالب

ديوان طالب (ڪتاب): ديوان طالب دادوءَ جي نامور شاعر خليفي محمد صادق ڪلهوڙي ’طالب‘ جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. ڊاڪٽر اياز حسين قادري ڪتاب ’سنڌي غزل جو اوسر‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”خليفو محمد صادق ’طالب‘ راوت خان لغاري، ضلعي دادوءَ جو رهاڪو هو. هن عربي، فارسي، بھار دانش ۽ صرف نحو پڙهيو. عالم هجڻ سان گڏوگڏ طب ۾ پڻ مهارت حاصل ڪيائين. هن سڄي سنڌ جي بزمن جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي. هن بزم خيرپور ناٿن شاھہ ۽ آسپاس گهڻائي شاگرد بڻائي سٺا شاعر پيدا ڪيا. طالب قديم رنگ ۾ سٺا غزل چوندو هو. هن جي غزلن ۾ رواني ۽ سلاست آهي. هن پنهنجن سادن خيالن کي پڻ سھڻي نموني غزلن ۾ پيش ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي هن جي خيالن ۾ نواڻ محسوس ٿئي ٿي. سندس ڪلام اڃا شايع نہ ٿيو آهي.“


لفظ ديوان طالبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو