ديوان طالب آملي

ديوان طالب آملي (ڪتاب): هي ديوان ننڍي کنڊ جي نامور فارسي گو شاعر طالب آمليءَ جي شعرن جو مجموعو آهي. هن جو سنڌ سان بہ گهرو تعلق آهي. هن ميرزا غازي بيگ ترخان جي شان ۾ لڳ ڀڳ 12 قصيدا لکيا آهن. پهرين هي جھانگير بادشاھہ جو درٻاري شاعر هو. جھانگير جي درٻار ۾ سوين شاعر هئا، پر ’ملڪ الشعراءِ‘ جو تاج طالب آمليءَ جي سر تي رکيو ويو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ هي ڪهڙي پائي جو شاعر هو. طالب آمليءَ جي ديوان ۾ غزلن کان سواءِ قصيدا، مثنويون، مفرد، ترڪيب بند، ترجيح بند ۽ رباعيون وغيرہ شامل آهن. ديوان صنائع بدائع، فصاحت ۽ بلاغت ۽ مختلف ترڪيبن سان سنواريل آهي. شاعريءَ ۾ کيس قدرتي ڏات حاصل هئي. چون ٿا تہ هن اٺن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو ۽ 20هين ورهين جي ڄمار ۾ ’ملڪ الشعراء‘ جي خطاب سان جھانگير بادشاھہ جي درٻار ۾ شامل ٿيو. سندس شاعريءَ جي ٻولي شائسته، سولي ۽ سلوڻي آهي. سنڌ جي پوين فارسي گو شاعرن گهڻي تعداد ۾ طالب آمليءَ جي غزلن جي تتبع ۽ تضمين تي غزل لکيا آهن. هن جي ديوان ۾ لڳ ڀڳ سٺ هزار شعر ٿيندا. طالب آمليءَ جو ديوان ڪافي دفعا شايع ٿي چڪو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ايران مان سندس ديوان تفصيلي احوال سميت شايع ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو