ديوان عاشق

ديوان عاشق (ڪتاب): ديوان عاشق ايران جي نامور شاعر آقا محمد ڪريم اصفهاني ’عاشق‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. عاشق اصفهاني ڪيترا سال ٺٽي ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. ٺٽي ۾ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ مختلف سرڪاري عهدن تي رهيو. شاهبندر، غلام شاھہ ڪلهوڙي جي جوڙايل شاھہ ڳڙھہ جي ڀر ۾ نئين تعمير ڪرايل هن بندر تي ناظم جي حيثيت ۾ رهيو ۽ تمام گهڻي شھرت ماڻيائين. نادر شاھہ افشار جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ملڪ جو حڪومتي نظام درهم برهم ڪيو، تڏهن ٺٽي جي ماڻهن محمد ڪريم اصفهانيءَ کي پنهنجو وڪيل بڻايو. محمد ڪريم هن عهدي تي امير توڙي غريب هر ڪنهن کي راضي ڪيو ۽ 1155ھہ/1742ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ٺٽي ۾ جلوہ گاھہ امامين جي احاطي ۾ دفن آهي. محسن ٺٽوي ’محڪ ڪمال‘ محمد ڪريم جي چوڻ تي مرتب ڪيو هو. هن جي ديوان ۾ غزلن کانسواءِ قصيدا، قطعات ۽ رباعيون پڻ شامل آهن. اهو ديوان ويجهڙائيءَ ۾ ايران ۾ شايع ٿي چڪو آهي ۽ ٺٽي ۾ لکيل ديوان جو قلمي نسخو هن وقت سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


لفظ ديوان عاشقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو