ديوان عطا (ڪتاب): هي فارسي ديوان، عبدالڪريم ’عطا‘ ٺٽويءَ جي شعرن جو مجموعو آهي. ميان عبدالڪريم عطا ٺٽويءَ جي شاعريءَ جو آغاز 1060هه/ 1650ع ۾ ٿيو. هن ’عطا‘ تخلص ڪتب آندو ۽ ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ وفات ڪيائين.
ديوان ۾ فارسي شاعريءَ کان سواءِ اردو ٻوليءَ ۾ به شاعري ملي ٿي. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته، ”ميان عبدالڪريم جي شاعريءَ جا ٻه ٽي ديوان ۽ ٽي مثنويون آهن، پر رڳو سندس ٻه ڪتابَ: ’هشت بهشت‘ ۽ ’ديوان عطا‘ ملي سگهيا آهن.“ اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪا آهن. ديوان ۾ ٽي سؤ غزل، هڪ سؤ رباعيون، ترجيح بند، مخمس ۽ هڪ ساقي نامو آهي. فارسيءَ کان سواءِ اردوءَ ۾ ڪجهه شعر مليا آهن. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو مؤجد ’عطا‘ کي ليکيو وڃي ٿو. سندس شاعري تاريخي لحاظ کان گهڻي اهميت جوڳي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي تاريخي واقعا ۽ احوال قلمبند ٿيل آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ٺٽي جي حالت زار ۽ اتي جي چند شاعرن جي هجوَ لکي آهي.
ان کان سواءِ هن عظيم صوفي شهيد شاهه عنايت جي مخالفت ۾ شاعري ڪري، شاهه عنايت شهيد جي مخالفت ۽ مغل ۽ ڏيهي حاڪمن جي حمايت ڪئي آهي. ميان عبدالڪريم عطا جو ديوان تفصيلي مقدمي سان سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري مرتب ڪيو.
هي ڊيمي سائيز وارو 450 صفحن تي مشتمل ديوان سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان 1960ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.