ديوان عطا (ڪتاب): هي فارسي ديوان، عبدالڪريم ’عطا‘ ٺٽويءَ جي شعرن جو مجموعو آهي. ميان عبدالڪريم عطا ٺٽويءَ جي شاعريءَ جو آغاز 1060ھہ/ 1650ع ۾ ٿيو. هن ’عطا‘ تخلص ڪتب آندو ۽ ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ وفات ڪيائين.
ديوان ۾ فارسي شاعريءَ کان سواءِ اردو ٻوليءَ ۾ بہ شاعري ملي ٿي. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته، ”ميان عبدالڪريم جي شاعريءَ جا ٻہ ٽي ديوان ۽ ٽي مثنويون آهن، پر رڳو سندس ٻہ ڪتابَ: ’هشت بھشت‘ ۽ ’ديوان عطا‘ ملي سگهيا آهن.“ اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪا آهن. ديوان ۾ ٽي سؤ غزل، هڪ سؤ رباعيون، ترجيح بند، مخمس ۽ هڪ ساقي نامو آهي. فارسيءَ کان سواءِ اردوءَ ۾ ڪجهہ شعر مليا آهن. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو مؤجد ’عطا‘ کي ليکيو وڃي ٿو. سندس شاعري تاريخي لحاظ کان گهڻي اهميت جوڳي آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي تاريخي واقعا ۽ احوال قلمبند ٿيل آهن. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ ٺٽي جي حالت زار ۽ اتي جي چند شاعرن جي هجوَ لکي آهي.
ان کان سواءِ هن عظيم صوفي شھيد شاھہ عنايت جي مخالفت ۾ شاعري ڪري، شاھہ عنايت شھيد جي مخالفت ۽ مغل ۽ ڏيهي حاڪمن جي حمايت ڪئي آهي. ميان عبدالڪريم عطا جو ديوان تفصيلي مقدمي سان سيد محمد مطيع ﷲ راشد برهانپوري مرتب ڪيو.
هي ڊيمي سائيز وارو 450 صفحن تي مشتمل ديوان سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان 1960ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.