
ديوان علي ٺٽوي قلمي
ديوان علي ٺٽوي (قلمي): هي فارسي ٻوليءَ ۾ قلمي ديوان سيد عباس علي بخاري ٺٽويءَ جي غزلن تي مشتمل آهي. ديوان رديف جي لحاظ کان الف- ب ترتيبوار رکيل آهي. سڄو ديوان خط نستعليق ۽ خط شڪستہ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي ديوان هيئن شروع ٿئي ٿو:
’اي نام نکوئي تو بود درد زبانها
ياد تو بود درهم جا مونس جانها‘
ديوان جو اختتام هيئن ٿئي ٿو:
’از غم حشر مدارم بدل خويش خطر
چون مرا امت شهنشاھہ علي مولا علي‘
تمت التمام شر ديوان سيد عباس علي شاھہ مرحوم بخاري ٺٽوي المتخلص بہ علي...
63 صفحن تي مشتمل هي قلمي ديوان ٺٽي جي غلام مرتضيٰ رضوي جو ڪتابت ٿيل آهي جيڪو سن 1300ھہ/1883ع ۾ لکجي پورو ٿيو. هي قلمي ديوان سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.