
ديوان فاضل
ديوان فاضل (ڪتاب): انگريز دور جي مشھور شاعر محمد ’فاضل‘ شاھہ جي الف ب وار غزلن جو ڪتاب ديوان فاضل (شرح ۽ معنيٰ سميت) ماستر محمد صديق گلاب خان ’مسافر‘ ترتيب ڏنو هو ۽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ حيدرآباد، سنڌ جو 1937ع ۾ ڇپايل هيءُ پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جا ابتدائي ٻہ اکر مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي آنرري سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ جا لکيل آهن. جڏهن تہ ڪتاب جو ديباچو محمد صديق ’مسافر‘ لکيو آهي. ڪتاب ۾ فاضل شاھہ جي سوانح ۽ شاعريءَ تي 60 صفحن جو تفصيلي مقدمو محمد صديق مسافر لکيو آهي. هن ديوان جي ابتدا ۾ فاضل شاھہ جا ڪجهہ فارسي غزل سنڌي ترجمي سميت ڏنا ويا آهن. الف ب وار ديوان فاضل 152 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن تہ ان جي شرح ۽ معنيٰ 128 صفحن تي مشتمل آهي، ڪرائون سائيز جو ديوان فاضل پهريون ڀيرو مسلم ادبي اليڪٽرانڪ پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ آڪٽوبر 1939ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت اڍائي رپيا آهي.