
ديوان محسن تتوي
ديوان محسن تتوي (ڪتاب): هي ديوان، محمد محسن ٺٽويءَ جي فارسي ڪلام جو مجموعو آهي، جنهن کي محمد حبيب ﷲ راشديءَ مرتب ڪيو آهي. محمد محسن ٺٽويءَ جي سوانح تي هڪ تفصيلي مقدمو پڻ محمد حبيب ﷲ لکيو آهي. محمد محسن ٺٽويءَ حروف تهجيءَ (الف ب ترتيبوار) مطابق غزل چيا آهن.
محسن ٺٽويءَ جي ولادت ٺٽي ۾ ٿي، پر هن جي ولادت جي سن بابت تاريخ خاموش آهي. سنڌ جي هن نامور شاعر 20 شوال 1163ھہ/11 سيپٽمبر 1750ع تي ٺٽي ۾ 42 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ديوان محسن ۾ غزلن کانپوءِ 31 قصيدا موجود آهن، جن ۾ نعت، حضرت علي عليہ السلام جي شان ۾ قصيدا، امام حسين عليہ السلام جي شان ۾ قصيدا، امام مهدي عليہ السلام جي شان ۾ قصيدا، نادر شاھہ افشار، ميرڪ محمد احسن پوراني، تقي محمد خان، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي، لطف ﷲ متاري، ميان مراد ياب خان ۽ صادق علي خان جي شان ۾ قصيدا چيل آهن. ديوان ۾ ست ترڪيب بند، ٻارهن مخمس، هڪ مربع مرثيو، اٺ مثنويون، 28 مختلف واقعن تي قطعه تاريخون ۽ 46 رباعيون شامل آهن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 650 صفحن تي مستمل هي فارسي ’ديوان محسن‘ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1963ع ۾ شايع ڪرايو. محمد حبيب ﷲ راشديءَ، محمد محسن ٺٽويءَ جي سوانح تي 150 صفحن تي مشتمل تفصيلي مقدمو لکيو آهي.