ديوان محمد اقبال

ديوان محمد اقبال: نامور منتظم، آفيسر ۽ ليکڪ ديوان محمد اقبال، 8 جولاءِ 1952ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن جو تعلق جهوناڳڙھہ رياست جي ديوان ميمڻ گجراتي خاندان سان آهي. هن ابتدائي تعليم ميمڻ انجمن هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ بعد گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ تعليم ورتي ۽ بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي جي سند حاصل ڪري، آدم جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ سي. ايس. ايس جو امتحان ڏنائين، جنهن ۾ آفيس مئنيجمينٽ گروپ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو. ان کانپوءِ پي. سي. ايس جي امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪيائين ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين، ستت ئي بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي، پين اسٽيٽ يونيورسٽي آمريڪا ۾ هبرٽ همفري فيلو مقرر ٿيو، جتي پنھنجي قابليت طور مڃتا ماڻيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌ سول سروس اڪيڊميءَ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو.
هي ڪهاڻيڪار آهي ۽ ڪهاڻين سميت مختلف موضوعن تي ڇـهـن کان مـٿـي ڪـتـاب لکـيـا اٿـس، جـن مـان ٽـي شـايع ٿيل آهن، جن ۾: (1) جِسَي رات لَي اُڙِي (اُردو)، (2) وه ورق ٿا دل ڪَي ڪتاب ڪا، (3) ماڌوري ڊڪشٽ- ڊڄڻي گرل، (4) پندرهن جهوٽ اور تهنائي کي ڌوپ- شامل آهن. ان سميت ٽي ڪتاب انگريزيءَ ۾ بہ لکيا اٿس، جيڪي اڻ ڇپيل آهن. هن چشتي سلسلي جي عظيم بزرگ نظام الدين اولياءَ تي The Moon may eclipse نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي. سندس دلچسپي مشرقي شاعري، تصوف، فنون لطيفہ وغيرہ جهڙن موضوعن سان آهي. سڄيءَ دنيا ۾ سندس ڪتاب پڙهيا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا. هيءَ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.07.08  عيسوي

نامور منتظم، آفيسر ۽ ليکڪ ديوان محمد اقبال، 8 جولاءِ 1952ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا صوفي
شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني
عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر
قيصر خان نظاماڻي
خانبهادر شيخ صادق علي انصاري
ارباب الھجڙيو
شيخ سليمان سيفي سنڌي
چانڊيو نواب شبير احمد خان
طريل تاج محمد
امداد حيدر سولنگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون