ديوان مسڪين 1

ديوان مسڪين 1

ديوان مسڪين 1

ديوان مسڪين 1 (ڪتاب): هي ديوان پير سيد حزب شاھہ راشدي ’مسڪين‘ جي فارسي غزلن جو ديوان آهي. ’ديوان مسڪين‘ فارسي شعرن جو ترجمو مفتي محمد رحيم سڪندريءَ ڪيو آهي. مفتي محمد رحيم سڪندري ’تذڪره صاحب ديوان‘ جي نالي سان فارسيءَ ۾ مهاڳ بہ لکيو آهي، جڏهن تہ پير سيد حزب شاھہ راشديءَ جي زندگيءَ تي تفصيلي مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب مقدمي ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: هڪ محفل ۾ پير سائين هڪ موزون مصرع پيش ڪئي:
صحراچه خوش است که درندارد.
انهيءَ تي سندس پٽ پير علي اصغر شاھہ هيءَ موزون مصرع چئي:
عاشق چه خوش است که سرندارد.
ديوان ۾ رديفن جي الف - ب جي ترتيب سان غزل موجود آهن. غزلن کان پوءِ هڪ قصيدو، چار مخمس (حافظ شيرازيءَ جي غزلن جي تضمينن تي)، ڪجهہ قطعات، فرد، حضرت علي عليہ السّلام جي شان ۾ هڪ طويل منقبت ۽ آخر ۾ اردو غزل ڏنل آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 402 صفحن تي مشتمل هن ’ديوان مسڪين‘ جي قيمت 30 رپيا آهي، جنهن کي جميعت علماءِ سڪندريه درگاھہ شريف، پير جوڳوٺ پاران 1985ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو