ديوان مطهر ڪڙھہ

ديوان مطهر ڪڙھہ (ڪتاب): مطهر ڪڙھہ، اصل ۾ ڪڙيءَ جو ويٺل ۽ فيروز شاھہ تغلق جو مدح خوان هو. ملڪ الشرق عين الملڪ ماهرو جيڪو انهيءَ دؤر ۾ ملتان جو صوبيدار هو، ان جي مدح ۾ پڻ مطهر جا قصيدا ملن ٿا. ’ديوان مطهر ڪڙھہ‘ سندس غزلن ۽ قصيدن جو مجموعو آهي. مطهر جيڪي بہ قصيدا فيروز شاھہ تغلق جي مدح ۾ چيا آهن. تن ۾ سنڌ، ٺٽي، ڄام بابيني ۽ ڄام راءِ تماچي جو ذڪر پڻ ملي ٿو. انهن قصيدن مان ٺٽي جي اهميت ۽ مدنيت واضح ٿئي ٿي. بقول پير حسام الدين شاھہ راشدي، مطهر ڪڙھہ جي وفات 790ھہ/1388ع ۾ ٿي آهي. ديوان مطهر ڪڙھہ اڃا تائين شايع نہ ٿيو آهي. سندس ديوان تي تفصيلي مقالو ’اورينٽل ڪاليج لکنئو ميگزين‘ ۾ وحيد مرزا 1935ع ۾ شايع ڪرايو هو. جنهن ۾ ٺٽي تي چيل قصيدا بہ شامل هئا. ڪڙھہ بابت تاريخ خاموش آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو