
ديوان منهاج الحقيقت
ديوان منهاج الحقيقت (ڪتاب): صوفي فقير قادر بخش بيدل جو هي فارسي ديوان، تصوف، سير ۽ سلوڪ ۽ عرفان جي سبقن جو مجموعو آهي. فقير بيدل هن فارسي ديوان جو نالو ’منهاج الحقيقت‘ رکيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’حقيقت وارو رستو‘. هي ديوان، بيدل فقير 1265ھہ/1849ع ۾ لکي مڪمل ڪيو هو. هن ديوان ۾ حروف تهجيءَ جي مقرر حرفن موجب ڪل اٺاويھہ غزل آهن، جنهنڪري هن ديوان کي ’سه حرفي ديوان‘ بہ سڏيو ويو آهي. هن ديوان ۾ موجود 28 ئي غزلن مان هر هڪ غزل ۾ ست بند آهن. ديوان ۾ تصوف، الهامي درس ۽ حقيقي عشق جي رمزن کي بيان ڪيو ويو آهي.
ديوان ۾ سچل سرمست وانگر ’اناالحق‘ ۽ ’من خدايم‘ جا نعرا بہ آهن، تہ نعتيه غزل ۽ مدحيه غزل بہ شامل آهن. ديوان ۾ هڪ هنڌ فقير بيدل حقيقي محبوب سان مخاطب ٿي چوي ٿو:
زاهد حور بھشتي خواهد، دل من عاشق روءِ تو بس،
حاجي سوئي مڪه شتايد، ڪعبئه جانم ڪوءِ تو بس.
(ترجمو: زاهد کي بھشت جي حور گهرجي، پر آءٌ تنھنجي چهري جو عاشق آهيان، حاجي مڪي ڏانهن وڃڻ لاءِ بيتاب آهي، پر منهنجي جان ڪعبو تنھنجي گلي آهي).
’ديوان منهاج الحقيقت‘ جو سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ ئي قلمي نسخو سيد عبدالحسين شاھہ موسويءَ وٽ موجود هو، جنهن تان ڊاڪٽر خضر نوشاهي نقل ڪري مختصر مقدمي سان مرتب ڪيو ۽ بيدل يادگار ڪميٽي 2007ع ۾ شايع ڪرايو. چار رنگي ٽائيٽل، ڊيمي سائيز جي هن ناياب ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.