ديوان مير شهداد خان ٽالپر حيدري

ديوان مير شهداد خان ٽالپر حيدري

ديوان مير شھداد خان ٽالپر حيدري

ديوان مير شھداد خان ٽالپر حيدري: هي ديوان مير شھداد خان ٽالپر تخلص ’حيدريءَ‘ جي فارسي ڪلام جو مجموعو آهي. مير شھداد خان ٽالپور جي تعليم لاءِ ايران مان جيد عالم اتاليق طور سڏايا ويا هئا. شاعريءَ جي ميدان ۾ مير شھداد خان حافظ شيرازيءَ ۽ سعدي شيرازيءَ جي پيروي ڪئي آهي. ديوان کي ايران جي ٻن نامور اديبن ميثم جمشيدي منش ۽ ڊاڪٽر مريم خليليءَ مرتب ڪيو آهي. پيش لفظ ميثم جمشيديءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هن قلمي ديوان مهيا ڪندڙن ڊاڪٽر مريم خليلي، مير حيد علي خان ٽالپر ۽ ڊاڪٽر محمد توسليءَ جا ٿورا مڃيا آهن. ديوان بابت تفصيلي مقدمو ڊاڪٽر مريم خليليءَ جھان تيغ لکيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر مريم خليلي مير شھداد خان ٽالپر جي زندگيءَ جو احوال، تصنيفون ۽ ديوان بابت تفصيلي ڄاڻ يعني فارسي ڪلام تي علم معافي، علم بيان ۽ فصاحت ۽ بلاغت جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ حافظ شيرازي ۽ سعدي شيرازيءَ جي غزلن جي تتبع تي مير شھداد خان جي چيل غزلن جي پڻ نشاندهي ڪئي اٿس. مير شھداد خان جي ڪلام ۾ جتي بہ قرآني آيتن ۽ حديثن جو ذڪر آهي، انهن غزلن کي بہ نمايان ڪري وضاحت ڪئي وئي آهي.
مير شھداد خان جي ديوان ۾ غزل حروف تهجي الف ب جي ترتيب سان رکيل آهن. ديوان ۾ ڪل 568 غزل، 17 قصيدا، 6 مثنويون، 8 ترڪيب بند، 3 ترجيح بند، 5 مخمس، 197 رباعيون، 13 قطعات ۽ 91 مفردات موجود آهن. آخر ۾ چومصرع هڪ عربي شعر آهي. چار رنگي ٽائيٽل، ڊبل ڪرائون سائيز وارو 450 صفحن تي مشتمل هي فارسي ديوان ايران جي مشھور يونيورسٽي ’دانشگاھہ سيستان و بلوچستان‘ مان 2010ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 69000 ريال آهي. ديوان جو اصل قلمي نسخو حيدرآباد ۾ ٽالپر گهراڻي جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو