ديوان نجفي: هيءُ ديوان فقير هدايت علي ’نجفي‘ جي سنڌي غزلن تي مشتمل آهي. فقير هدايت علي نجفيءَ جو هي پهريون سنڌي ديوان آهي، جنهن جي ڪتابت فقير نجفيءَ پاڻ ڪئي هئي. ديوان نجفيءَ ۾ عاشقانه مضمون سان گڏوگڏ تصوف جا ڪيترائي نقطه نروار ڪيا ويا آهن. فقير نجفيءَ سنڌي غزل ۾ تصوف جو رنگ ڀريو ۽ سنڌي اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪيا آهن. ان کان سواءِ عشق ۽ محبت، اخلاق ۽ نصيحت، جماليات، خمريات ۽ طنز ۽ مزاح بابت ڪيترا اعليٰ قسم جا شعر ديوان ۾ موجود آهن. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ سادگي آهي. لفظن جي سهڻي سٽاءَ، وڻندڙ ٻولي، دلڪش تشبيهون ۽ ٿورن لفظن ۾ وڏو مقصد بيان ڪرڻ سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن. هي علم بديح، علم معاني، علم بيان جو ڄاڻو هو. ديوان نجفي پوڪرداس شڪارپوري 1922ع ۾ شايع ڪيو. ڊيمي سائيز ۾ 162 صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ ديوان فقير هدايت علي ’نجفي‘ جي سنڌي غزلن تي مشتمل آهي. فقير هدايت علي نجفيءَ جو هي پهريون سنڌي ديوان آهي، جنهن جي ڪتابت فقير نجفيءَ پاڻ ڪئي هئي. ديوان نجفيءَ ۾ عاشقانه مضمون سان گڏوگڏ تصوف جا ڪيترائي نقطه نروار ڪيا ويا آهن. فقير نجفيءَ سنڌي غزل ۾ تصوف جو رنگ ڀريو ۽ سنڌي اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪيا آهن. ان کان سواءِ عشق ۽ محبت، اخلاق ۽ نصيحت، جماليات، خمريات ۽ طنز ۽ مزاح بابت ڪيترا اعليٰ قسم جا شعر ديوان ۾ موجود آهن. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ سادگي آهي. لفظن جي سهڻي سٽاءَ، وڻندڙ ٻولي، دلڪش تشبيهون ۽ ٿورن لفظن ۾ وڏو مقصد بيان ڪرڻ سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن. هي علم بديح، علم معاني، علم بيان جو ڄاڻو هو. ديوان نجفي پوڪرداس شڪارپوري 1922ع ۾ شايع ڪيو. ڊيمي سائيز ۾ 162 صفحن تي مشتمل آهي.