ديوان نرمل داس: ديوان نرمل داس روهڙيءَ جي هندن مان وڏو شاعر ۽ صوفي منش ٿي گذريو آهي. روايت آهي تہ عربي، فارسي ۽ سنسڪرت زبانن جو وڏو ڄاڻو هو. سرڪاري طور مشرقي ٻولين جو ترجمان (Translater) ۽ سنڌي نثر جو ليکڪ هو. سنڌي ساهت سوسائٽي برپا ٿيڻ کان پوءِ ڪي رسالا بہ لکيا هئائين. کيس شاعريءَ سان بيحد چاھہ هو، پر سندس ڪلام گهٽ ملي سگهيو آهي. نرمل داس روهڙيءَ جي ’جانشاهي درگاھہ‘ جو طالب هو. درگاھہ سان ايتري قدر محبت ۽ عقيدت رکندو هو، جو رهندو ئي درگاھہ تي هو. فارسيءَ جي شاعر مير جان ﷲ شاھہ رضويءَ جي فارسي ڪلام ’ديوان مير‘ جو سنڌي ترجمو بہ ڪيو هئائين.