ديوان واڌومل اُڌارام

ديوان واڌومل اُڌارام: مشھور سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل ديوان واڌومل ولد اڌارام مولچند جو تعلق ڪراچيءَ سان هو. سندس خاندان کي ڪراچيءَ جي سياست ۾ اهم حيثيت حاصل هئي. ديوان واڌومل ڪراچيءَ جي هوشيار وڪيلن مان هو. هن پنھنجي والد جي وفات کانپوءِ سياست ۾ پير پاتو. 1910ع ڌاري ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ۽ ڪجهہ سالن تائين نائب صدر چونڊيو ويو. 1919ع وارن سڌارن کانپوءِ واڌومل اڌارام بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر، ڪراچي پورٽ جو ٽرسٽي ۽ ڪراچي بار جو سيڪريٽري رهيو. تقرير جي فن جو ماهر هو. هن پنھنجي نالي سان هڪ فرم ’واڌومل اينڊ ڪو‘ قائم ڪئي، جيڪا ڪراچيءَ جي مشھور فرمن مان هڪ هئي، جتي جونيئر وڪيل تربيت حاصل ڪندا هئا. هن 1921ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات بعد سندس خدمتن جي عيوض حڪومت ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ بندر روڊ کان نگار سينيما تائين، سٽي ڪورٽ جي سامهون وارو روڊ ’واڌومل اوڌارام‘ جي نالي سان منسوب ڪيو، جيڪو ان وقت جو مشھور روڊ هوندو هو ۽ انهيءَ روڊ تي سندس نالي سان هڪ مارڪيٽ بہ قائم آهي، جيڪا ’واڌومل اوڌارام مارڪيٽ‘ جي نالي سان مشھور آهي. ورهاڱي کانپوءِ هن روڊ جو نالو تبديل ڪري ’سيدنا طاهر سيف الدين روڊ‘ رکيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو