ديوان پير

ديوان پير

ديوان پير

ديوان پير (ڪتاب): هي ديوان، مشھور بزرگ، شاعر، خانقاھہ قادريه جيلانيه مڪلي ۽ درگاھہ نورائي شريف، ضلعي حيدرآباد جي سجادہ نشين، سيد پير غلام جيلاني شاھہ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو فقير علي اڪبر ميمڻ ترتيب ڏنو آهي. پير غلام جيلاني شاھہ، سيد پير زين العابدين شاھہ ’زينل‘ جو فرزند آهي، جيڪو پڻ پنھنجي وقت جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پير غلام جيلاني شاھہ، شاعريءَ ۾ تخلص ’پير‘ ڪم آڻيندو آهي. سندس هن ديوان تي ابتدائي ٻہ اکر فقير علي اڪبر ميمڻ ’اڃا آهن اوطاقن ۾‘ عنوان سان لکيا آهن، جڏهن تہ مهاڳ امداد حسينيءَ ’عشق اسان جو آھہ استاد‘ عنوان سان لکيو آهي. ان کان سواءِ نصير مرزا، پير غلام مجدد سرهندي (بابا سائين) ۽ حميد سنڌي پڻ هن ڪتاب تي پنهنجو اظهار ڪيو آهي. ان کان پوءِ پير غلام جيلانيپير‘ جا الف ب وار غزل ڏنل آهن، جيڪي صفحي 65 کان صفحي 504 تائين شامل آهن. غزلن جو مطالعو ٻڌائي ٿو تہ پير صاحب قادرالڪلام شاعر آهي. کيس عروض تي مڪمل مهارت حاصل آهي. پير غلام جيلاني شاعريءَ جي ٻين صنفن تي بہ لکيو آهي، پر هن ڪتاب ۾ سندس غزل درج آهن، جن ۾ حقيقت ۽ مجاز جا ٻئي رنگ شامل آهن. سندس ڪلام ۾ تصوف، انسانيت ۽ روحانيت جا رنگ ڀريل آهن. سندس غزلن جون ڪجهہ سٽون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون: سوا مطرب نہ ڪو سمجهي سُريلي ساز جون ڳالهيون، ڀلا اڻڄاڻ ڇا ڄاڻن، اسان جي راز جون ڳالهيون. سنڌ منهنجو ساھہ آهي، سنڌ منهنجي جان يار! سنڌ عاليشان منهنجو، سنڌ آ ايمان يار! ڊيمي سائيز جي 504 صفحن ۽ خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي پير غلام جيلانيپير‘ جي پنھنجي اٺونجاهين سالگرھہ جي موقعي تي چيل هڪ انمول شعر موجود آهي، جنهن ۾ هن پنھنجي سموري سوانح ۽ زندگيءَ جي گذريل سالن جو نچوڙ سيڪنڊن، منٽن، ڪلاڪن، ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ سالن جي تفصيل سان منظوم پيش ڪيو آهي، جيڪو شعري فن جو هڪ اعليٰ نمونو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي، ۽ جيلاني پبليڪيشن مڪليءَ پاران سال 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


لفظ ديوان پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو