ديوان ڄيٺمل

ديوان ڄيٺمل: سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ تي هڪ نه پر گهڻيون حڪومتون هيون، نالي ۾ پڳدار حيدرآباد جو مير فتح علي خان ٽالپر هو، پر حقيقت ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور وارن جون جدا جدا حڪومتون قائم هيون. ان سان گڏ هر هڪ حڪمران گهر جي جدا جدا ڀاتين جون الڳ الڳ ننڍڙيون رياستون به هيون. ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي تعلقي ۾ يا هڪڙي شهر ۾ گهڻن ميرن جون پتيون هونديون هيون، جنهن تان سندن اڪثر رنجشون ۽ جهڳڙا ٿيندا رهندا هئا.
جڏهن سنڌ جي سڀ کان سهڻي ۽ شاهوڪار شهر شڪارپور جو قبضو پٺاڻن کان موٽي سنڌين کي مليو، تڏهن ان ۾ خيرپور ۽ حيدرآباد جي مير حاڪمن پنهنجون الڳ الڳ پتيون رکيون. شهر جا اٺ دروازا هوندا هئا، جتان اهي پنهنجي پتيءَ جو محصول اڳاڙائيندا هئا. ٽالپر حاڪمن جي آخري ڏينهن ۾ خيرپوري ميرن جو شڪارپوري عملدار، پڳ ڌڻي مير رستم خان ٽالپر جي حيدرآباد ڏانهن ڀاڄ جو ٻڌي، شهر ڇڏي ڀڄي ويو. انگريزن جي ڇاڙتي مير علي مراد خان پنهنجي وزير شيخ علي حسن جو مائٽ شيخ غلام حيدر شڪارپور جو ڪليڪٽر ڪري موڪليو، جنهن اچي خيرپور جي حصي واري ٽن پتين جي حڪومت تي قبضو ڪيو، اها خبر ٻڌي ٻئي خيرپوري مير نصير خان ٽالپر پنهنجو ماڻهو خدايار خان پٺاڻ شڪارپور تي چاڙهي موڪليو، جيڪو شهر جو گهيرو ڪري ويهي رهيو. خدايار خان پٺاڻ ۽ شيخ غلام حيدر جي جهيڙي ۾ شڪارپور جا ماڻهو ڏاڍا تنگ اچي ٿيا. ان وقت شڪارپور ۾ حيدرآباد جي ميرن جون پنج پتيون هيون، جن جي وصوليءَ لاءِ شڪارپور ۾ سندن ٻه عملدار سيد ابراهيم شاهه ۽ ديوان ڄيٺمل رهندا هئا. ابراهيم شاهه بابت تاريخون خاموش آهن. البت ديوان ڄيٺمل جي وڏي هاڪ هئي. سندس نالو ۽ سرڪاري لقب ’ديوان سهمامت نشان ڄيٺمل‘ هو.
شهر جي ابتر حالت ڏسي ديوان ڄيٺمل، خيرپور جي ميرن پاران موڪليل شيخ ۽ پٺاڻ عملدارن کي شهر مان لوڌي ڪڍيو ۽ خيرپوري مير صاحبن جو جيڪو حصو ٿيو، اهو گڏ ڪري سڌو خيرپور درٻار ۾ پهچايائين. آخرڪار مير علي مراد خان ٻي فوج موڪلي، جنهن اچي مير نصير خان ٽالپر جي ماڻهوءَ کي هٽائي، شيخ غلام حيدر کي خيرپورين جي حصي تي قابض ڪرايو.
سنڌ ۾ ٽالپر راڄ جا پويان پساهه ڏسي قلات جي حاڪم سنڌ طرف وڌڻ شروع ڪيو. ديوان ڄيٺمل کي اطلاع پهتو ته روجهاڻ جي قلعي تي قلات وارن چڙهائي ڪئي آهي. هن هڪدم پنهنجي پٽ نوتن داس کي فوج سان گڏ روجهاڻ ڏياري موڪليو، ته جيئن قلعي تي قبضو ڪري ان کي بچائي. اڃا نوتن داس جا سپاهي واٽ ۾ ئي هئا ته حيدرآباد مان ميرن جو هدايت نامو ديوان ڄيٺمل کي اچي پهتو ته، ”انگريزن سان ڳالهيون هلن پيون، پر سندن نيت خراب ڏسجي ٿي، خبر ناهي ته ڇا ٿئي، ان ڪري لشڪر گڏ ڪري تيار ٿي ويهه، متان مير علي مراد خان ۽ سندس آقا انگريز حملو نه ڪن.“ انگريزن ۽ سندن ڇاڙتي مير علي مراد خان ٽالپر لاءِ شڪارپور ۾ حيدرآباد جي ميرن جو قبضو ڄڻ ته ’ڪُک ۾ ڪانُ‘ هو، ان ڪري انگريزن حيدرآباد تي حملي ڪرڻ کان اڳ شڪارپور کي صاف ڪرڻ ضروري ٿي سمجهيو. هنن سوچيو ته لاڙ جي پڳدارن ميرن جو گهر ڦٽو پيو آهي، مير شير محمد ٽالپر ۽ مير صوبدار وارا هڪ پاسي ته مير نصير ٽالپر وارا ٻئي پاسي، ٻنهيءَ جون هڪٻئي تي انگريز ريزيڊنٽ وٽ داد فرياد لاءِ دانهون شروع هيون. ان ڪري انگريزن سمجهيو ته سندن حملي جي خطري سبب لاڙ (سنڌ) جا مير پنهنجي پڳ بچائڻ ۾ پورا هوندا، باقي رهيو شڪارپور جو ديوان ڄيٺمل، ان کي هڪل ڪبي ته هو رات وچ ۾ شهر ڇڏي ويندو. اهو سوچي هنن پنهنجي ايجنٽ شيخ غلام حيدر کي چيو ته هو ديوان ڄيٺمل کي ڀڄائي ڪڍي. شيخ غلام حيدر ڏٺـو ته ديـوان ڄيٺمل وارا حيدرآبادي مير پنهنجيءَ پڳ بچائڻ ۾ پورا آهن، مون وارو مير علي مراد خان، انگريز فيل مست جو ساٿي آهي. ان ڪري ديوان ڄيٺمل ۽ انگيرز بهادر جو تاب جهلي نه سگهندو. ان ڪري هن ديوان کي چوائي موڪـلـيـو ته ”ٽالپر حڪمران پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن. انگـريـز بهـادر به تـو وارن مير صاحبن تي رنج آهي، متان سڀاڻي ڪا جنگ ڇڙي پوي، ان ڪري تون به مير رستم جي پٺاڻ عملدار وانگر پاسيرو ٿي وڃ. تنهنجو پگهار ۽ ضرورتون انگريز صاحب بهادر ۽ مير علي مراد خان پوريون ڪندا.“
پر ديوان ڄيٺمل ڪنهن ٻيءَ مٽيءَ جو ٺهيل هو. هو مير علي مراد ۽ مير صوبدار وانگر غدار نه هو، جو ’سون تي سيڻ‘ مٽائي. انگريز ۽ سندن ڇاڙتي غلام حيدر، ديوان ڄيٺمل جي قومي غداريءَ ۽ غيرت کان آگاهه نه هئا.
انگريزن ۽ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن جي وچ ۾ مياڻيءَ کان اڳ، پهريون فوجي ٽڪراءَ شڪارپور ۾ ٿيو. انگريزن پنهنجي ڇاڙتي مير علي مراد ٽالپر جي فوج هٿان حيدرآباد جي ميراڻي فوج کي شڪارپور مان بيدخل ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪئي. حيدرآبادي ميرن جي ڪيترن ماڻهن کي قيد ڪري کين وچ بازار ٽنگي مارون ڏنيون ويون. ديوان ڄيٺمل هڪدم جوابي ڪارروائي ڪئي، شڪارپور جي گهٽين ۾ ڪيترا ڏينهن دوبدو مقابلا ٿيندا رهيا. مير علي مراد خان جي فوج ديوان ڄيٺمل کي بيدخل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. چڱا مٺا وچ ۾ پيا، جنهنڪري ٻنهي ڌرين هڪٻئي جا قيدي واپس ڪيا، پر شيخ غلام حيدر واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ديوان ڄيٺمل جو هڪ ماڻهو ڪونه موٽايو، جنهن تي ديوان ڄيٺمل باهه ٿي پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته شيخ غلام حيدر کي نه ڇڏيو وڃي. ديوان جي فوج جا جوان اگهاڙيون تلوارون کڻي مير علي مراد جي سپاهه تي وڃي ڪڙڪيا، کين ماري، قيد ڪري، پنهنجا قيدي آزاد ڪرائي آيا ۽ شيخ غلام حيدر جو جنگي ساز سامان به کڻي آيا. اهڙيءَ طرح شڪارپور ۾ حيدرآبادي سرڪار جي فوج بدران خود انگريزن جا ايجنٽ بيدخل ٿي ويا. ديوان ڄيٺمل جي بهادري ڏسي آسپاس جا ماڻهو سندس فوج ۾ اچي داخل ٿيڻ لڳا. سکر ۾ ويٺل انگريزن جا ڪن کڙا ٿي ويا. هنن سمجهيو هو ته اپر سنڌ ۾ سندن مددگار مير علي مراد خان ويٺو آهي، پر ديوان ڄيٺمل جي ڪارروائيءَ سندن ننڊ ڦٽائي ڇڏي. ان دؤر جو تاريخ نويس منشي عطا محمد لکي ٿو ته، ”ديوان جي فوجي طاقت ڏسي سکر جي ڇانوڻيءَ ۾ ڏاڍي هيبت ۽ هراس ڦهلجي ويو، انگريزن مڪمل احتياط ۽ چوڪسي اختيار ڪئي. ايتري قدر جو سکر- شڪارپور رستي تي فوجي مورچا کڙا ڪيا ويا. انگريز ڀُليل ڪونه هئا، ديوان ڄيٺمل جي واقعي نيت خراب هئي. شڪارپور ته شڪارپور جي ماڳ رهي، هن رٿ رٿي ته انگريز جيڪڏهن حيدرآباد تي حملو ڪن ته هو وري سندن هيڊڪوارٽر يعني سکر تي حملو ڪري، سندن پوئتي موٽڻ جي راهه بند ڪري.“ منشي عطا محمد وڌيڪ لکي ٿو ته ديوان ڄيٺمل حيدرآباد جي ميرن جي ٻئي حڪم جي انتظار ۾ ويٺو هو. هن چاهيو ٿي ته جيڪڏهن مٿان ٻيو حڪم آيو ۽ انگريزن سان لڙائيءَ جو حڪم صادر ٿيو ته چار پنج سئو بلوچ ۽ ٻيا ’تارو‘ سيڻاهن تي درياهه رستي، سکر ڇانوڻيءَ ڏانهن موڪلجن ۽ پاڻ ٻئي پاسي کان حملو ڪري. هن ڪجهه درويش عالمن ۽ قاضين کي گهرائي کين قيمتي خلعتون ڏئي چيو ته، ”اڄوڪو ڏينهن جهاد جو ڏينهن آهي، ان ڪري اوهان انگريز نصارن خلاف اسلامي لشڪر جا اچي پيش امام ٿيو.“
ديوان ڄيٺمل اڃا اهي رٿون پئي رٿيون ته مٿان مياڻيءَ جي جنگ جي خبر آئي ته مير صاحب هارائي، قيد ٿي ويا آهن. منشي عطا محمد لکي ٿو ته اُها خبر ٻڌي ديوان ڄيٺمل جي چيلهه ٽٽي پئي، پر هن ظاهري دٻدٻو نه ڇڏيو. سندس ايڏي ڏيا ۽ دٻدٻو هو، جو سندس حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڪنهن کي به مجال نه ٿي. هن شڪارپور ۾ وڌيڪ وقت رهڻ مناسب نه سمجهي، شڪارپور کان ڳڙهي ياسين جي واٽ ورتي ۽ ديهه ترودرگان ۾ اچي خيما کوڙي، ميرن جي خبرن جو انتظار ڪرڻ لڳو. اتي مير علي مراد خان جو ايلچي سدورو خان وٽس نياپو کڻي پهتو ته ”حيدرآبادي مير ختم ٿي ويا. هاڻي انگريزن ۽ مير علي مراد خان ٽالپر جي بادشاهي آهي. مير صاحب جو چوڻ آهي ته ضد ڇڏي مون وٽ اچ ته توکي وڏو عهدو ڏيان.“ ديوان ڄيٺمل کيس کتو جواب ڏنو ته ”مان جنهن طرف آهيان، تنهن طرف آهيان، تنهن طرف ئي رهندس، پر پنهنجي دوستن جي دشمنن جو عهدو قبول نه ڪندس“. ان بعد ديوان محال مبارڪپور وٽان ٿيندو موٽي ڳڙهي ياسين آيو. مير علي مراد خان ٽالپر، ديوان ڄيٺمل جو جواب ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ پنهنجي فوج کي حڪم ڏنائين ته ”ديوان کي ختم ڪيو“. ديوان ڄيٺمل ڳڙهي ياسين پهتو ته شڪارپور طرفان ته شيخ غلام حيدر جي اڳواڻيءَ ۾ مير علي مراد خان ٽالپر جي فوج کيس اچي گهيرو ڪيو. ڇتي جنگ لڳي. ديوان ڄيٺمل صبح کان شام تائين بي جگريءَ سان مقابلو ڪندو رهيو. آخر شام ڌاري هن مير علي مراد جي فوج تي اهڙو زبردست حملو ڪيو، جنهن مير صاحب جي فوج جا پير اکوڙي ڇڏيا ۽ اهي توپون ۽ هٿيار ڇڏي سر بچائي وٺي ڀڳا. فوجين مان ڪيترائي قيد ٿي پيا، جن مان ڪيترن کي ڄيٺمل جيئدان ڏئي گهر موڪلي ڇڏيو.
ديوان ڄيٺمل اتان سلطان ڪوٽ ويو، جتي اَنَ جا سرڪاري گدام کولائي فوج ۾ ورهائي ڏنائين، هن جو ارادو هو ته هو مبارڪ پور جي قلعي ۾ هيڊڪوارٽر ٺاهي ويهي ۽ جيڪڏهن حيدرآباد جا مير يا مير شير محمد خان ٽالپر ڪا مڙسي ڏيکارين ته ساڻن گڏجي مير علي مراد ٽالپر ۽ انگريزن کي ٽوٽا چٻائي. انهيءَ وچ ۾ هن تائين ٻي منحوس خبر اچي پهتي ته مير شير محمد ٽالپر دٻي جي لڙائيءَ ۾ شڪست کائي چڪو آهي. مير علي مراد خان جي ٻيگهي مچي وئي. دٻي جي جنگ ۾ انگريزن جي فتح کان پوءِ وڏو ڪٽڪ وٺي لاڙڪاڻي اچي پهتو، ڇو ته هاڻي اپر سنڌ غداريءَ جي انعام طور سندس ملڪيت هئي، هو لاڙڪاڻي مان شڪارپور آيو. چون ٿا ته کيس پير ميان علي گوهر بنگلي ڌڻيءَ جي به مدد حاصل هئي. شڪارپور سنڌ جي پئرس ۾ مير علي مراد خان ٺٺ سان اچي رهيو. ديوان ڄيٺمل کي سندس صلاحڪارن، مير علي مراد خان سان ٺهي هلڻ جو چيو، پر هن غيرتمند شخص اها صلاح نه مڃي. جڏهن حيدرآباد مان ڪا پهر نه پهتي ته ديوان ڄيٺمل شڪارپور جا وڻ ڇڏي ٻئي لشڪر کي موڪل ڏئي، ٻن سئو سوارن سان ڪاڇي طرف روانو ٿيو، ۽ جهل مگسيءَ جي سردار احمد خان مگسيءَ وٽ وڃي ترسيو. پٺيان مير علي مراد جي ايلچي ملان محمد تنيي، احمد خان مگسيءَ کي اچي چيو ته ”ديوان انگريز بهادر ۽ مير صاحب جو باغي آهي، ان جي ٻانهن ڏيو.“ مگسيءَ ڏٺو ته ههڙي بهادر شخص کي تڏي تان ٻڌائي ڏنم ته ستن پيڙهين تائين ٽِڪو نه لهندو. ان ڪري ايلچيءَ کي صاف جواب ڏنائين ته ”پهريائين آءٌ ٻَڌبس، پوءِ ديوان ٻَڌبو“. ديوان ڄيٺمل ڪجهه ڏينهن اتي رهي، ولي محمد خان چانڊيي وٽ اچي ترسيو، جنهن وٽ ٻار ٻچا سام ڇڏيائين ۽ پاڻ منزلون هڻي وڃي قنڌار پهتو. پٺاڻ سردارن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، پر هن ڪنهن تي بار ٿي رهڻ پسند نه ڪيو. اتي هڪ لک روپين جو واڪ ڏئي قنڌار جي محصول جو ٺيڪو کنيائين. ٻه ٽي مهينا ڪم ڪيائين. پٺاڻ سردارن اڳوڻن ٺيڪيدارن کان لک وڌيڪ وٺي ديوان ڄيٺمل کي چيو ته ”تنهنجو ٺيڪو ختم، اسان کي هڪ لک وڌيڪ مليو آهي تو ٽي چار مهينا ڪم ڪيو آهي. ڪجهه رقم وٺ ۽ ٺيڪو ڇڏ“. ديوان ڄيٺمل پرديس ۾ ڪري به ڇا ٿي سگهيو. لاچاريءَ ۾ اها مختصر رقم وٺي هڪ قافلي سان گڏ قنڌار مان روانو ٿيو. پٺاڻ سردارن ديوان جهڙي سڻڀي شڪار کي ائين هٿ مان ڇڏڻ ڪٿي ٿي چاهيو، هنن سندس پٺيان ڪٽڪ ڏياري موڪليو، ڄيٺي کي واٽ تي سردارن جي فوج اچي پهتي. هن قافلي وارن کي غيرت ڏياري، جن به مڙسي ڪئي. ڏيڍ هزار مڙس مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا. دغاباز سردارن جي فوج همت نه ساري واپس موٽي وئي. ديوان ڄيٺمل اتان ملتان پهتو ۽ ملتان جي گورنر ديوان مولچند وٽ ڪجه ڏينهن ترسيو. اتي ٻڌائين ته مير شير محمد ٽالپر لاهور ۾ آهي، سو وڃي ساڻس مليو، پر مير صاحب کيس ٻڌايو ته هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي ۽ انگريزن سان مقابلو ڪري نٿو سگهجي.“ مير صاحب حال آهر سندس مدد ڪئي. پوءِ ديوان ڄيٺمل لڌيانه کان ٿيندو وڃي ڪلڪتي پهتو، جتي سنڌ جا مير صاحب، مير نصير خان ۽ ٻيا قيد هئا. هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اتي ڪو ڪاروبار ڪري، قيدي ٽالپرن جي خدمت ڪري، پر اهڙو بندوبست ٿي نه سگهيو ۽ لاچار خشڪيءَ رستي موٽي پنهنجي وطن آيو. لاڙ (سنڌ) تي انگريز قابض هئا، چؤطرف انگريزي راڄ هو، ميراڻي حڪومت جو آخري جهڙو تهڙو نشان وڃي خيرپور رياست رهي هئي. ديوان ڄيٺمل جي غيرت انگريزن جي راڄ ۾ رهڻ گوارا نه ڪيو، جنهنڪري ڪهي اچي خيرپور رياست پهتو، جتي مير علي مراد کيس سرڪاري مهمان ڪري رهايو. تاريخ نويس منشي عطا محمد لکي ٿو ته، ”مير صاحب ممدوح جا درٻاري عملدار، ديوان ڄيٺمل جي اچڻ ڪري ٿرٿلي ۾ اچي ويا ۽ انهيءَ خوف ۽ هراس ۾ پئجي ويا ته هاڻي اسان جو ڇا ٿيندو؟!“ پر ديوان ڄيٺمل ملازمت ڪرڻ ڪونه آيو هو. هن جي دل ٽٽي پئي، مٿير مڙس هو، هنيانءَ جي ڏڍ تي پئي هليو. سندس وطن ڌارين جي چنبي ۾ قيد هو. انگريزن جي راڄ مان کيس رت جي بوءِ پئي آئي. وطن کان ٻاهر وڃي رهڻ هن غيرتمند ۽ محب وطن شخص لاءِ ناممڪن هو. ان ڪري وطن واپس وريو هو، پر غلام ٿي رهڻ لاءِ نه. وطن ورڻ بعد ڪجهه ڏينهن بعد هو گذاري ويو، ڄڻ ته هو پنهنجو مڙهه وطن جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ حوالي ڪرڻ لاءِ موٽيو هو.
تاريخ نويس عطا محمد شڪارپوري کيس هيٺين لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي: ”ديوان ڄيٺمل جيتوڻيڪ هندو هو، پر پوين پساهن تائين به سورهيائي ۽ مردانگي هٿان نه ڇڏيائين.“
سنڌ جو دانشور رسول بخش پليجو لکي ٿو ته، ”هن دؤر جو تاريخ نويس چئي سگهي ٿو ته ڄيٺمل سنڌ جو حلالي ۽ غيرتمند پٽ هو.“
(حوالو: رسول بخش پليجي جي مضمون ’ڄيٺو واڻيو‘ جو اختصار، ماهوار تحريڪ، سيپٽمبر 1973ع)


لفظ ديوان ڄيٺملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو