ديوان ڪوڏڻ مل: نامور سماجي ورڪر ديوان ڪوڏڻ مل ولد لعل داس، 1881ع ڌاري ڳوٺ ڇاڻي (شاھہ آباد)، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سنڌيءَ جا چار درجا دادوءَ جي مين پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو ۽ گرمکيءَ جي تعليم وڏڙن کان ورتائين. کيس پيءُ جي وفات بعد زمينداري سنڀالڻي پئي، سارين جي هر فصل تي پيران پير دستگير جي نالي تي خيرات ڪندو هو، جيڪا صبح کان ويندي شام تائين هلندي هئي، جنهن لاءِ اڳ ۾ شھر ۾ پڙهو گهمايو ويندو هو. اڪثر غريب اچي شرڪت ڪندا هئا. پوءِ ديرن جي بٽئي شروع ڪرائيندو هو. هندن توڙي مسلمانن جا فيصلا پاڻ ڪندو هو. مذهبي مسئلن وارن فيصلن ۾ سرائي جعفر خان مگسي ۽ خميسي سولنگيءَ کي ضرور ويهاريندو هو. سندس نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل فيصلن کي ڏسي انگريز سرڪار کيس ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا. 1930ع ۾ ٻوڏ دوران جڏهن درياھہ جي بچاءَ بند کي کنڊ لڳو ۽ دادوءَ جي شھر جو ڪجهہ حصو ٻڏي ويو تہ ان کنڊ کي بند ڪرائڻ لاءِ ديوان ڪوڏڻ مل، ڀوري شيخ، سيد مصري شاھہ ۽ ٻين جي مدد سان پنھنجي ذاتي خرچ تي بچاءَ بند کي لڳل گهاري کي گولائيءَ تي ٻڌرائي بند ڪرايو، جيڪو بند اڃا بہ موجود آهي. اهڙيءَ طرح ٻوڏ دوران دربدر ٿيل ماڻهن جي کائڻ پيئڻ، رهائڻ، ڪپڙي وغيرہ جو پنھنجي خرچ تي بندوبست ڪيائين. ديوان ڪوڏڻ مل مندرن جي اڏاوت جو سمورو خرچ ڀريندو هو. مهراج ڏيو ڏنارام جي سماڌي ٺهرائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. ديوان ڪوڏومل ڪانگريس جو سٽي صدر هو ۽ ڪانگريس جي مالي مدد بہ ڪندو هو. ڪافي شيوا منڊليون پڻ قائم ڪيائين. لڪي شاھہ صدر جي ڌرمشالا لاءِ بہ وڏي رقم خرچ ڪيائين. هن 1931ع ڌاري وفات ڪئي. سندس ڪريا ڪرم دادوءَ جي مساڻن ۾ ڪيو ويو.