ديوان گدو مل

ديوان گدو مل: ديوان گدومل ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي وقت ۾ ملڪ جو وڏو واپاري ۽ اثر رسوخ وارو شخص هو. هيءُ اصل ۾ لاڙڪاڻي جي شھاڻي خاندان مان هو، سندس خاندان لاڙڪاڻي ۾ ڪلهوڙن جي سپھہ سالار شاھہ بھاري جي سرڪاري ملازمت سان لاڳاپيل هو. ديوان گدومل ميان نور محمد ڪلهوڙي جي درٻار جي مکيہ وزيرن مان ۽ خاص صلاحڪار هو. سندس خاندان ان وقت جو عامل گهراڻو هو، ۽ ان ئي دور ۾ سموريءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويو. 1738ع ڌاري ايران جو بادشاھہ نادر شاھہ افغاني دهلي فتح ڪري ايران ورڻ وقت سنڌ تي حملي آور ٿيو. نور محمد ڪلهوڙي کان فوج جي رهائشي انتظام سميت وڏي رقم جي گهر ڪيائين، جنهن تان نور محمد ڪلهوڙي کيس کتو جواب ڏياري موڪليو. ان ڪري نادر شاھہ سنڌ تي حملو ڪري ڏنو. ان دوران ميان نور محمد خداآباد وارو تختگاھہ ڇڏي وڃي ڪڇ طرف لڪو. نادر شاھہ افغانيءَ جڏهن نور محمد ڪلهوڙي کي ڪڇ مان گرفتار ڪري لاڙڪاڻي ۾ آندو تہ سندن وچ ۾ ٺاھہ ڪرائيندڙ ديوان گدومل هو. جنهن ٺاھہ هيٺ ميان نور محمد دهلي سلطنت کي ساليانو خراج ڏيڻ قبوليو. ستت ئي نادر شاھہ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ احمد شاھہ ابداليءَ جي مسند نشين ٿيڻ سان اهو خراج بند ڪيو ويو. 1739ع ۾ احمد شاھہ ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ جڏهن ڪاهيندو نوشهري فيروز پهتو تہ گدومل ساڻس ملاقات ڪري ٻيهر ٺاھہ ڪرايو ۽ خراج ڏيڻ جي وعدي تي، ميان نور محمد حڪومت تي برقرار رهي، ملڪي ڪاروهنوار هلايو. 1754ع ۾ ميان نور محمد جي وفات بعد ميان مرادياب ڪلهوڙي کي نصرپور ۾ تخت نشينيءَ جو تاج پهرائيندڙ بہ ديوان گدومل هو. ديوان گدومل کي پنهنجو اولاد نہ ٿيو. سندس ڀاءُ جي اولاد هن جي نالي جي نسبت سان گدواڻي سڏايو، جيڪي هينئر تائين گدواڻي سڏجن ٿا. هن جي نالي سان سندس حيدرآباد واري جاءِ لڳ سنڌو درياھہ تي هڪ بندر هو، جتي هن اچي پنهنجو بنگلو ۽ بندر تعمير ڪرايو. اهو علائقو ٽنڊي گدوءَ جي نالي ۽ بندر ’گدو بندر‘ جي نالي مشھور هو. هاڻي سڄو علائقو گدو بندر جي نالي سان مشھور آهي. اتي موجود ذهني مريضن جي اسپتال بہ سندس نالي سان مشھور آهي.


لفظ ديوان گدو ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو