ديوان 1

ديوان 1: ’ديوان‘ پارسي لفظ آهي ۽ اُن جو ڌاتو سنسڪرت لفظ ’دِو‘ (div) معنيٰ ’چمڪڻ يا ٻهڪڻ‘ آهي، جنهنڪري ’ديوان‘ لفظ جي هڪڙي بنيادي معنيٰ آهي ’ٻهڪي وارا يا ٻهڪندڙ‘ (درٻاري) ۽ ٻي معنيٰ ’اُهو هنڌ، جتي حاڪم يا سندن درٻاري ٻهڪندڙ پوشاڪون پائي اچي مڙن‘، يعني ’درٻار‘. مثلاً: ديوان خاص (پروي ڪائونس يا ڪئبنيٽ ڪائونسل) ۽ ديوان عام Public hall.
مسلمانن (ڪلهوڙن ۽ ميرن) جي صاحبيءَ ۾ ديوان اڪثر روينيو کاتي جا وڏا عملدار هئا، جيڪي اڪثر هندو هوندا هئا. ديوان ڄيٺمل، شڪارپور جو گورنر هو. ديوان گدو مل، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي درٻار ۾ وزير هو. ڪي ديوان پنهنجن حاڪمن جي پاران بٽئي ڪندا هئا. ائين جيڪي ’ديوان‘ هئا، سي راڄ درٻار ۾ پنهنجي پنهنجي درجي پٽاندڙ جاءِ وٺي ويهندا هئا، ۽ اهي درٻاري هئا. (سنڌ جي هندن جي تاريخ- ڀيرو مل مهرچند، ڀاڱو: 1). - مسلمانن مان به ڪيتران ’ديوان‘ سڏائيندا آهن، جهڙوڪ: ديوان مشتاق وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو