ديوبند شهر

ديوبند شهر

ديوبند

ديوبند: هي قديم شھر ڀارت جي صوبي اتر پرديش جي ضلعي سهارنپور ۾ واقع آهي. ديوبند جي تاريخ عشقيہ داستانن ۽ قصن سان معمور آهي. هتي وڻن جي هڪ گهاٽي ٻيلي ۾ موجود هڪ ديويءَ جو مندر آهي، اُن ڪري خيال ڪيو وڃي ٿو تہ ’ديوبند‘، ديوي بن (ديويءَ جو جهنگ) جي بگڙيل شڪل آهي.
ديوبند جو سڀ کان پهرين ذڪر ’آئينِ اڪبريءَ‘ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ابوالفضل ديوبند ۾ پڪين سرن جي تعمير ٿيل هڪ قلعي جو ذڪر ڪيو آهي. ديوبند ۾ گذريل زماني جا ڪيترا يادگار موجود آهن. ڇتا مسجد کي ديوبند جي تمام پراڻي مسجد ليکيو وڃي ٿو، جنهن جو واسطو پٺاڻن جي ابتدائي دؤر سان آهي. روايت آهي تہ: ”شيخ علاؤالدين المعروف شاھہ جنگل باش، جيڪو اتي دفن آهي، ابن الجوزيءَ جو شاگرد ۽ شيخ شھاب الدين سھروردي رح جو مريد هو. هتي سڪندر لوڌي، اڪبر ۽ اورنگزيب جي زمانن جون جوڙايل ڪجهہ مسجدون ۽ عمارتون اڃا تائين موجود آهن.
اڄڪلھہ ديوبند شھر اسلامي علم ۽ عرفان جي عظيم درسگاھہ ’دارالعلوم ديوبند‘ جي ڪري گهڻو مشھور آهي. هي درسگاھہ مولانا محمد قاسم نانوتوي ۽ حاجي محمد عابد حسين تعليم کاتي جي ٽن وڏن فاضلن جي ڀرپور مالي مدد سان قائم ڪئي هئي. (وڌيڪ ڏسو: دارالعلوم ديوبند).


لفظ ديوبندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو