ديوداسي
ديوداسي: داسي معنيٰ خدمتگار، گولي يا غلام. ديوداسي معنيٰ ديوتا يا ڀڳوان جي ٻانهي. آڳاٽي زماني ۾ هندن جي مندرن ۾ داسيون هونديون هيون، جيڪي ڀڳوان ۽ مندر جي خدمت لاءِ وقف هونديون هيون. هندن جي قديم ڪتابن ۾ داسين جا ست طبقا ڏيکاريل آهن:
(1) دتا: اهي ڇوڪريون، جيڪي ڪنهن مندر کي تحفي طور ڏنيون وڃن،
(2) وڪرتا: اهي ڇوڪريون جيڪي مندر کي وڪيون وڃن،
(3) ڀرتيا: اهي ڇوڪريون جيڪي پنهنجي پاڻ کي خاندان جي ناماچاريءَ لاءِ مندر جي خدمت لاءِ پيش ڪن،
(4) اهي ڇوڪريون، جيڪي وقتي طور مندر جي خدمت لاءِ مقرر ڪجن،
(5) هريتا: اها ڇوڪري، جيڪا کڻي/ اغوا ڪري يا ڌُتاري، مندر کي خدمت لاءِ ڏجي،
(6) الـنـڪارا: اُها ڇوڪري، جيڪا ننڍپڻ کان ئي مندر ۾ هار سينگار ڪرڻ جو فن سکي ۽ ٻين ديوداسين کي هار سينگار ڪرائي،
(7) ردراگا نائيڪا يا گوپي: اها ڇوڪري، جيڪا مندر لاءِ مقرر معاوضي تي نچي ۽ ڳائي.
مدراس جي 1901ع جي آدمشماري رپورٽ ۾ ديوداسيءَ لاءِ لکيل آهي ته اهي ڇوڪريون مندر ۾ ڳائڻ ۽ نچڻ جو ڪم ڪنديون آهن. مندر ۾ ڳائڻ ۽ نچڻ جو ڪم دنيا جي قديم ترين ڌنڌن مان هڪ آهي. ڪنهن زماني ۾ ديوداسين کي نهايت عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽ کين الڳ سماجي رتبو مليل هو.
شيخ اياز پنهنجي هڪ غزل ۾ ديوداسي لفظ هيٺينءَ ريت ڪم آندو آهي:
منهنجي اُڪير ڇا هي، هي چٽُ چيت من ۾،
مندر، اُداس ڏيئو، اڌ رات ديوداسي!
هن دؤر ۾ ديوداسي الڳ ذات آهي، جنهن وٽ جدا جدا سماجي قانون آهن، جن مان ڪي کين ورثي ۾ مليل آهن، ڪي وقت جي حالتن موجب هنن اپنايا آهن. هن نيات وارن کي پنهنجون الڳ پئنچائتون آهن، جيڪي سندن مسئلن کي ڏسن ٿيون. هن نيات وارين ڇوڪرين جو ڌنڌو نچڻ آهي ۽ اهي مندرن سان پرڻيل سمجهيون وڃن ٿيون. اهڙي قسم جي نشانيءَ طور کين ڳچيءَ ۾ اهڙو پٽو ٻَڌو ويندو آهي، جيڪو سندن نيات جا ماڻهو کين ٻَڌندا آهن. هن دؤر ۾ ديوداسين جي شاديءَ جو رواج پيو آهي، جو مندرن جو اهو قديم نظام سندن سار سنڀال نٿو ڪري سگهي. ديوداسين جي اولاد کي (اهي ڇوڪرا هجن يا ڇوڪريون) هڪجهڙا حق مليل آهن. اهي آزاد هوندا آهن. اڪثر ڇوڪرا موسيقيءَ سان لاڳاپجي ويندا آهن. ڇوڪريون به نچڻ جو ڌنڌو اختيار ڪنديون آهن.
محترم شفيع محمد سولنگيءَ جي تحقيق موجب ته سيوهڻ ۾ موجود ڪافيون به شِوَ جي داسين جون رهتون آهن. اهو نظام ٽٽڻ کانپوءِ اهي ڪافيون هاڻوڪو روپ اختيار ڪري ويون آهن. (ڏسو: ’ڪافي‘)