ديوناگري
ديوناگري (لپي): ديوناگري هند سنڌ جو هڪ قديم رسم الخط (لپي) آهي، جيڪو ڏهين صدي عيسويءَ ۾ سموري ڀارت ۾ رائج هو. لسانيات جي ماهرن ۽ ڄاڻو ماڻهن جو چوڻ آهي ته ديوناگري لپي ۽ ڀارت جي ٻين اهم لپين جو جنم برهمي لپيءَ مان ٿيو آهي. ناليواري لسانيات جي ماهر ڪمار چيٽرجي ۽ ٻين عالمن جو خيال آهي ته برهمي لپيءَ جو بنياد دنيا جي ڪا آڳاٽي پرڏيهي لپي نه، پر موهن جي دڙي واري لپي آهي، جنهن کي سنڌو سڀيتا جي لپي ڪوٺيو وڃي ٿو. براهمي لپيءَ جي اکرن جو رواج ڀارت ۾ چوٿين پنجين عيسوي صديءَ ۾ ’گپت‘ لپي جي صورت ۾ پيو، جنهن جو ثبوت گپت گهراڻي جي راجائن جا مليل ڪتبا ۽ سڪا آهن. جڏهن ته ڪجهه عالمن ان کي ’ڪٽل لپي‘ جو نالو به ڏنو آهي.
ان لپيءَ اٺينءَ کان ڏهين عيسوي صديءَ تائين واري عرصي ۾ چٽيءَ طرح ديوناگريءَ جو روپ اختيار ڪري ورتو. ديوناگريءَ لپيءَ ۾ حرفن مٿان سڌي ليڪ ۽ حرف جي هيٺيان مٿان، اڳيان يا پٺيان ماترائون (سر يا آوازن جون نشانيون لڳائڻ) ڏبيون آهن. اها هن لپيءَ جي خاص سڃاڻپ آهي. جهڙيءَ طرح ڀارت ۾ قومي سطح تي تسليم ٿيل لکتن ۾ برهمي ۽ گپت لپيون شامل رهيون، ائين ئي ڏهين صدي عيسويءَ کان هاڻوڪي دور تائين ديوناگري لپيءَ کي قومي سطح تي تسليم ڪري ڀارت ۾ رائج ڪيو ويو. ان ڳالهه جي آڌار چئي سگهجي ٿو ته موجوده سنڌ جي حدن ۾ مقامي لپين سان گڏ ديوناگري لپيءَ جو استعمال عام هو. عالمن جي چوڻ موجب: ”ارڌناگري، جيڪا سڌماترڪا ۽ ديوناگريءَ جي ميل واري لکت آهي، ان جو استعمال جيسلمير ۽ سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ ٿيندو هو. سموري ڀارت ۽ ان کان ٻاهر ديوناگري لپيءَ جي ڦهلاءَ جو اهم ڪارڻ اهو به آهي ته هيءَ لپي ماترائن جي استعمال سان ڳالهائجندڙ ٻولي ۽ لکجندڙ ٻوليءَ جي مڪمل تصوير پيش ڪري ٿي، مطلب ته ٻنهي ۾ گهڻي مشابهت آهي ۽ حرف جي بيهڪ لسانيات ۾ آرٿوگرافي يا لکت جي اصولن مطابق آهي. سنسڪرت ٻوليءَ جي لکڻ جو رواج پڻ شروع کان هن لپيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي، (ڇو ته ديوناگريءَ جي لکت واري رواج کان اڳ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ کي برهمي ۽ گپت لپين ۾ لکيو ويندو هو.) ان حوالي سان جتي جتي سنسڪرت ٻوليءَ جو پرچار ٿيو، اتي ديوناگري لپيءَ جو به پرچار ٿيو. ان حوالي سان به ديوناگريءَ جو ڦهلاءُ وسيع ٿيو، جنهن کي نظر ۾ رکندي، ڀارت جي مسلم دؤر جي ڪيترن بادشاهن پنهنجي جاري ڪيل سڪن تي ديوناگريءَ ۾ پنهنجا نالا لکرايا.
ڀارت جي علائقن گجرات ۽ راجسٿان مان برهمي ۽ پروٽو ناگري اکرن ۾ چڱيون خاصيون لکتون هٿ آيون آهن. انهن علائقن ۾ پراڪرت ۽ اپَڀَرنش ٻولين جو ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل قديم ادبي سرمايو تمام گهڻي انداز ۾ هٿ آيو آهي، جنهن ۾ اسين آسانيءَ سان جهوني سنڌي ٻوليءَ جو عڪس پسي سگهون ٿا. سورهين صدي عيسويءَ جي شاعر قاضي قادن جـو ديـوناگـري لـپـيءَ ۾ لکيل ڪلام مليو آهي، جيڪو هرياڻا ۽ راجـسـٿان جـي پـوڄـاريـن جـي هـڪ مـٺ ۾ مـحفـوظ هـو. ان کان سواءِ ڪوي دادو ديال (1603- 1544ع) جا سنڌيءَ ۾ ڪجهه دوها ۽ پد به مليا آهن، جيڪي ديوناگري لپيءَ ۾ آهن.
خود سترهين صدي عيسويءَ ۾ سکن جي پنجين گرو، ارجن ديو 1604ع ۾ ’گرنٿ جو سنگرهه‘ تيار ڪيو. ان ۾ بابا فريد جا سنڌي ۽ سرائيڪي دوها به شامل آهن. اهو سمورو ڪتاب گرمکي لپيءَ ۾ لکيل آهي. گرمکي، ناگري ۽ شاردا لپين مان جوڙي وئي آهي. سترهين صدي عيسويءَ ۾ گجرات ۾ مشهور سنت سوامي پراڻ ناٿ (1618ع کان 1694ع ۾) جون سنڌيءَ ۾ ’چوپايون‘ ملن ٿيون، جيڪي ديوناگريءَ ۾ لکيل آهن. انهن مثالن مان ثابت ٿئي ٿو ته چوڏهين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جون اڪثر رچنائون ديوناگري لپيءَ ۾ قلمبند ڪيون ويون. خود اسماعيلي پيرن جو رچيل ڪلام ’گنان‘، جيڪو خواجڪي خط ۾ لکيل آهي. اها به ديوناگريءَ جي لکت آهي. ائين پنجاب ۾ لکجندڙ گرمکي پڻ ديوناگريءَ نسل جي لکت آهي. ان کانسواءِ گذريل ٽن صدين ۾ سنڌ ۾ شاعريءَ ذريعي ديوناگري لپيءَ جو چڱو خاصو پرچار ٿيو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو سنڌي گرامر، انگريزي- سنڌي ۽ سنڌي- انگريزي ڊڪشنريون ديوناگري لپيءَ ۾ ڇاپيون ويون. اڌارام ٿانورداس، تعليم کاتي پاران جيڪي قصا ڇپايا هئا، انهن ۾ لالي ڀڳت جي قصي ’ڪامسين ۽ ڪامروپ‘ جو قلمي نسخو کيس ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل مليو. 1853ع ۾ سنڌي هندن جي زوردار گهر تي انگريز سرڪار جي تعليم کاتي درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب ديوناگريءَ ۾ ڇپائي پڙهڻ لاءِ ميسر ڪيا هئا. هينئر سوڌو سنڌي ساهت (ادب) جا هزارين ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ شايع ٿيل آهن. انهن ڇپيل ڪتابن کانسواءِ ارڙهين ۽ اڻويهين صدي عيسويءَ جا اٽڪل 200 قديم قلمي نسخا ديوناگريءَ ۾ موجود آهن. هيءَ ٻولي کاٻي کان ساڄي طرف لکي ويندي آهي، جيئن سنسڪرت ۾ لفظ گڏي لکيا ويندا آهن، مطلب ته حرف جو مٿيون حصو گڏيل نظر ايندو، پر نئين طريقي ۾ اکرن جي وچ ۾ وڇوٽيون ڇڏيون وڃن ٿيون. هن لپيءَ ۾ 12 حرف علت ۽ 34 وينجن (حرف صحيح) آهن. هن وقت ڀارت ۾ سنڌي لکڻ لاءِ عربي خط خان گڏ ديوناگري لپي به رائج آهي، جنهن ۾ درسي ۽ ادبي ڪتاب تيار ڪيا وڃن ٿا.