ديوڪرن: ديو ڪرن راءِ ديسل، ڪڇ جي حڪمران جو سپھہ سالار ٿي گذريو آهي. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر ۾ ڄاڻايل آهي تہ: ”1719ع ۾ ڪڇ جو راءِ ديسل حڪمران بڻيو . راءِ ديسل ملڪي سرحدن تي مداخلت سبب سخت پريشان رهندو هو. آخر راءِ ديسل جي راڻي سندس مالي مدد ڪئي ۽ پنهنجو هڪ خاص خزانچي بادشاھہ لاءِ مقرر ڪيو، جنهن جو نالو ديوڪرن هو. ديوڪرن وڏو ذهين ماڻهو ۽ بھادر سپھہ سالار هو. هن فوج جي ورهاست ڪري سرحدن جي حفاظت اهڙي نموني ڪئي، جو سڀ حيران ٿيا ۽ راءِ ديسل کيس سڄي ملڪ جو انتظام هٿ ۾ ڏنو. جڏهن 1745ع ۾ راءِ ديسل فوت ٿيو تہ ان جي جاءِ تي سندس پٽ راءِ لاکو گاديءَ تي ويٺو. راءِ لاکو حد درجي جو ظالم هو. هن مرڻ کان اڳ پيءُ کي ڏھہ سال جيل ۾ رکيو هو ۽ ديوڪرن کي اِن ڏوھہ ۾ قتل ڪرايائين تہ راڻيءَ (سندس ماءُ) سان ديو ڪرن جا ناجائز تعلقات هئا. ديوڪرن جي پٽ راءِ لاکي سان صلح ڪرڻ چاهيو، پر راءِ کيس قتل ڪرائڻ چاهيو. آخر ديوڪرن جي پٽ سيٺ پونچو کي ڪڇ مان ڀڄڻو پيو. هي ديوان گدو مل جي مدد سان ميان غلام شاھہ وٽ رسيو ۽ ميان غلام شاھہ جي مدد ڪرڻ لاءِ راءِ لاکي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ميان غلام شاھہ کي فتح حاصل ٿي. ميان غلام شاھہ اهو فيصلو ڪيو تہ سيٺ پونچو کي اهو ئي عهدو ڏنو وڃي، جيڪو سندس پيءُ ديوڪرن وٽ هو. ان کانسواءِ هي بہ فيصلو ٿيو تہ راءِ جي ڀيڻ جي شادي ميان صاحب سان ٿيندي. ميان جي وڃڻ کانپوءِ راءِ لاکي هڪدم سيٺ پونچو کي بہ قتل ڪرائي ڇڏيو.