ديو اُڌارام ناٿاڻي
ديو اُڌارام ناٿاڻي: سنڌ جو ناميارو ليکڪ ديو اُڌارام ناٿاڻي، 10 جنوري 1924ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري، ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم. اي ۽ بي. ايڊ اٿس. ادب ۾ ناول، مضمون ۽ سوانح هن جا پسنديده موضوع رهيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ ناگپور (انڊيا) ۾ وڃي آباد ٿيو. هن جو ادبي دنيا ۾ اڌ صديءَ کان مٿي جو سالن جو حصو آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾:
(1) ’مولانا آزاد جي جيون ڪٿا‘ (1945ع)،
(2) ’ويٺل ڀائي پٽيل جي جيون ڪٿا‘ (1945ع)،
(3) ’انقلابي‘ (1946ع) ۽
(4) ’اسٽوڊنٽس آف دي مارچ‘ (1946ع) وغيره شامل آهن.
1924.01.10 عيسوي
سنڌ جو ناميارو ليکڪ ديو اُڌارام ناٿاڻي، 10 جنوري 1924ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري، ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو.