ديڳ
ديڳ: ديڳ، کاڌي رڌڻ جو هڪ اهڙو وڏو ٿانءُ آهي، جيڪو ٽامي، پتل، ڪنجهي يا اسٽيل جو ٺهيل هوندو آهي. هي وڏي ديڳڙي کان وڏي ٿيندي آهي. ديڳين ۾ شادين ۽ غمين جي موقعي تي کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي. اڳي ديڳين ۾ اڌ ڪاسي ۽ ڪاسي جي تور مطابق چانور چاڙهيا ويندا هئا، اڄڪلهه 8، 10 ۽ 12 ڪلوگرامن جون ديڳيون لاٿيون وڃن ٿيون، جن ۾ چانور، پٽاٽا، گوشت ۽ مرغي وڌي ويندي آهي. اڄڪلهه شهرن ۾ برياني، ٻوڙ جون ديڳيون دڪانن تي تيار ٿيل ملنديون آهن. شادين، غمين ۽ خيراتن ۽ ڪاڄن جي موقعي تي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ ماڻهو وسعت آهر هڪ ٻن ديڳين کان وٺي سوين ديڳين تائين چانور، ڀت، برياني، ٻوڙ وغيره تيار ڪرائيندا آهن. سنڌ ۾ ديڳ عام طرح حجم يا راڌو تيار ڪندو آهي. ديڳيون، چرين ۽ چُلهن تي چاڙهيون وينديون آهن. عام طرح درگاهن تي باسون باسڻ وارا ماڻهو به ديڳيون چاڙهيندا آهن ۽ عرس ۽ ختمي جي موقعي تي به ديڳيون چاڙهيون وينديون آهن. اهڙيءَ طرح ديڳ سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾ هڪ وڏي اهميت رکي ٿي. ديڳ سان وابسته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اصطلاح ۽ پهاڪا ملن ٿا. جهڙوڪ: (1) ديڳ جي کُرڙ هـئـڻ: وڏي خـانـدان سـان رشـتو هئڻ، (2) ديڳ باسڻ: چانورن جي ديڳ تيــار ڪـري خـيــرات ڪــرڻ، (3) ديڳــڙي چـاڙهڻ: پنهـنجـي محنت ڪرڻ، (4) ديڳ جي کُرڙي ڪافي هجڻ: گهڻي مال مان ٿورو حصو به ڪافي هجڻ، (5) ديڳ چاڙهڻ: عام جام ڪري ڇڏڻ، (6) ديڳ جو مالڪ هئڻ: ڌنوان ۽ ٻلوان هئڻ، شاهوڪار يا سُکيو هجڻ وغيره.
ديڳ کان ننڍي جسامت واري ٿانوَ کي ديڳڙي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ عام طرح گهرن ۾ ٻوڙ، کچڻي ۽ دال وغيره رڌي ويندي آهي. جيڪڏهن عورتون ڪا ننڍي باس باسينديون آهن ته ساڳيءَ ديڳڙيءَ ۾ چاڙهيل ڀت يا ڏاري کي ڪُنڙِي سڏينديون آهن.