ديھہ علو ڪاتياري (ديھہ): ديھہ علو ڪاتياري، يونين ڪائونسل جنھاڻ سومري، ضلعي ٽنڊي محمد خان جي هڪ اهم ديھہ آهي. هن ديھہ ۾ ڪاتيار ذات وارن جا ٻہ ٽي وڏا ڳوٺ آهن، جن ۾ ڳوٺ عبدالرحيم ڪاتيار، ڳوٺ حاجي عمر ڪاتيار، ڳوٺ آمون ڪاتيار ۽ ڳوٺ بولو ڪاتيار وغيرہ اچي وڃن ٿا.