ديھہ ماڙي صابرا

ديھہ ماڙي صابرا (ماڳ): ديھہ ماڙي صابرا ماڳ ضلعي نوابشاھہ/ بينظيرآباد ۾ نواز ڏاهري ريل- روڊ تي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هن کي ماڙي سپڙ بہ چيو ويندو آهي. Antiquities of Sindh– Supplement ۾ هن دڙي جي ڊيگهہ 92 ميٽر، ويڪر 61 ميٽر ۽ اوچائي 1.5 ميٽر ٻُڌائي وئي آهي. هي ماڳ 26° 10" اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 27" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. پاڪستان آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ، 1964ع ۾ هن ماڳ بابت هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو تہ هيءُ ماڳ هڙاپا دور سان تعلق رکندڙ آهي. هتان لڀندڙ شين ۾ ڪاري ۽ ڳاڙهي چٽ وارا ٿانوَ، ٺڪر جو روايتي ڍڳو ۽ ٽٽل ٿانون جا ٽڪر نمايان آهن.


لفظ ديھہ ماڙي صابراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو