دي جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي
دي جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي: 1843ع ۾ انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن کان جديد سنڌ جي تعمير شروع ٿي. مغربي طرز جي تعليم، پرنٽنگ پريس، رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب ڇپجڻ جي شروعات ٿي. پر سنڌ جي بدقسمتي اها رهي ته آزادي کسجڻ کان پوءِ، اها چار سال صوبو رهڻ بعد بمبئيءَ پرڳڻي جي تابع بنائي وئي. ان پسمنظر ۾ نه ته سنڌ اندر ڪا يونيورسٽي ٺهي سگهي ۽ نه ئي وري ڪي علمي ادبي ادارا قائم ٿي سگهيا. ان ڪري اهل سنڌ علمي ۽ ثقافتي طور بنگال، مدراس ۽ بمبئيءَ وانگر اڳتي اچي نه سگهيا. 1900ع ڌاري سنڌ جي سياستدانن جي ذهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته، سنڌ کي بمبئيءَ سان ملائي وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي. ان ڪري، پوءِ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ جي هڪ تحريڪ شروع ٿي. تحريڪ زور سان وڌڻ لڳي ته عالمن ۽ اديبن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته، سنڌ جي پنهنجي ٻولي، ادب، ڪلچر، جاگرافي ۽ تاريخ تي وڌ ۾ وڌ ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا وڃن ته جيئن دنيا کي ڏيکاري سگهجي ته سنڌ هر لحاظ کان هڪ منفرد خطو آهي ۽ ان جو ماضي شاندار ۽ ٻولي توڙي ادب شاهوڪار آهي.
انهيءَ ڏس ۾ جيڪي به علمي ۽ عملي ڪوششون ڪيون ويون، تن ۾ ’سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو وڏو نالو آهي. هيءَ سوسائٽي، ڪراچي شهر ۾، 1934ع ۾ وجود ۾ آئي. ان جو پهريون صدر سنڌ جو وڏو اديب ۽ شاهه لطيف جو پارکو، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي بنيو. نائب صدر اي. ايم. چنا، اعزازي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڊيو آرٽ، اعزازي جوائنٽ سيڪريٽري اي. بي. آڏواڻي، لائبريرين وي. بي. ياس ۽ اعزازي آڊيٽر خانصاحب جمشيد جي. ايس. سيٿنا چونڊيا ويا. ڪاروباري ڪميٽيءَ جا ست ميمبر پڻ مقرر ڪيا ويا، جن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن: (1) اين. ايم. بليموريا، (2) بي. ڊي. ميرچنداڻي ۽ (3) ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي. عهديدارن جي ڪميٽيءَ ۾ غالباً وقت به وقت تبديلي ٿيندي پئي رهي. سوسائٽيءَ جي ميمبرن جا ٽي گروپ طئي ٿيا. سرپرست، لائيف ميمبر ۽ عام ميمبر. پهرئين گروپ ۾ شامل ٿيندڙ کي 500 روپيا، لائيف ميمبر کي 100 روپيا ۽ عام ميمبر کي ساليانو چندو صرف 06 روپيا ڏيڻو ٿي پيو. ابتدائي طور تي عام ميمبرن جو تعداد 50 هو، جن مان ڪن جا نالا هن طرح آهن: جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، محمد حنيف صديقي، سيد ميران محمد شاهه، (خانبهادر) محمد صديق ميمڻ، ٽي. ايس. ٿڌاڻي، حيدر بخش جتوئي، سهراب ڪيٽرڪ ۽ ڪي ٻيا.
قيام پاڪستان کان پوءِ جيئن انگريزن جي دؤر جي بهترين ڪمن، آثارن ۽ علامتن کي گم ڪرڻ شروع ڪيو ويو، تيئن سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي پڻ گمناميءَ جي اوڙاهه ۾ اڇليو ويو.
هن سوسائٽيءَ جو شاندار ۽ لازوال ڪم ’دي جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سـوسائٽـي‘ (The Journal of the Sindh Historical Society) آهـي. هن انگريزي رسالي جو پهريون پرچو مئي 1934ع ۾ ڇپجي آيو. پهرئين شماري جو ايڊيٽر اي. بي. آڏواڻي صاحب هو. ٻيو پرچو آڪٽوبر 1934ع ۾ ڇپيو ته آڏواڻيءَ سان گڏ اين. ايم. بليموريا جو نالو به ايڊيٽر طور شامل ڪيو ويو. سوسائٽيءَ جي جرنل جو جلد ڇهون، نمبر 4 پرچو، سيپٽمبر 1943ع ۾ ڇپيو، ان پرچي تائين بليموريا، جرنل يا رسالي جو ساٿي ايڊيٽر رهيو.
اڄڪلهه محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، هن سوسائٽيءَ ۽ ان جي جرنل تي مفصل تحقيق جي ڪم ۾ مصروف آهي. ان جي راءِ آهي ته ڇهن جلدن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ رسالي جي ادارتي پاليسيءَ ۽ هيئت ۾ ڪي مکيه تبديليون ڪيون ويون هيون. جلد ستون، نمبر 1- 2، پرچو جولاءِ 1944ع ۾ نڪتو. هڪ ته ايڊيٽرن بجاءِ ڪڏهن پنجن ته ڪڏهن چئن عالمن جي ايڊيٽوريل بورڊ، رسالي جي ادارت جا فرض سرانجام پئي ڏنا. ان ايڊيٽوريل بورڊ ۾ به اين. ايم. بليموريا آخر تائين شامل رهيو. ٻيو هي ته سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پهريون ڀيرو سنڌ جي نقشي سان منسلڪ هڪ لوگو ٺهرايو، جيڪو پرچي جي سرورق تي آندو ويو. ٽين معمولي تبديلي، رسالي جي نالي ۾ ڪئي وئي ۽ ان کي ’جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو نالو ڏنو ويو.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي تحقيق آهي ته، هن رسالي جا ڪل 30 (ٽيهه) پرچا نڪتا. آخري پرچو جلد اٺون، نمبر 3، جنوري 1948ع ۾ شايع ٿيو. هي شمارو ’ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي يادگار نمبر‘ ڪري ڪڍيو ويو. ياد رهي ته سنڌ جو هي نامور عالم، سوسائٽيءَ جو پهريون صدر هو، جنهن 11 فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي هئي. جلد اٺين جو چوٿون پرچو شايد ڇپجي نه سگهيو. ورهاڱي ۽ قيام پاڪستان (آگسٽ 1947ع) کان پوءِ حالتون يڪسر تبديل ٿي ويون. ان ڪري سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ ان جي جرنل جي پڄاڻي اچي پهتي.
هن سوسائٽيءَ ۽ ان جي جرنل، سنڌ جي قديم آثارن، تهذيب ۽ تاريخ تي 200 کن عالمانه مضمون ۽ مقالا ڇپيا. انهن مضمونن جو معيار نهايت مٿانهون هو. هن جرنل جي اشاعت سان سنڌ جي اڀياس جا ڪيئي پَهلو پهريون ڀيرو نروار ٿيا. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ ان جي جرنل جي ڪري، اسان جي تاريخ جو اونهو ۽ مفصل اڀياسي رُخ اڀرڻ شروع ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ، 1950ع ۾ (نئين سر) تشڪيل ڏنو. سنڌي ادبي بورڊ، هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي ڪم کي ڏسي، سنڌ جي تاريخ تي مفصل ڪم ڪرائڻ جي رٿابندي ڪئي. نه رڳو ايترو، پر غلام رسول مهر ’تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دؤر‘ ۽ ايڇ. ٽي. ليمبرڪ ’سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ‘ ڪتابن جي تياريءَ ۾ ’سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جي رسالن (جرنلن) تان تمام گهڻي مدد ورتي.
جرنل ۾ ڇپجندڙ مواد پهرين سوسائٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ پڙهيو ويندو هو. اهڙيون گڏجاڻيون اڪثر ڊي. جَي. سنڌ ڪاليج ۾ منعقد ٿينديون هيون. هي رسالو ڪڏهن ڇهين مهيني ڇپجندو هو ته ڪڏهن ان مدت کان به اڳي نڪرندو هو. جرنل ڪنهن وقت اٺين مهيني يا وري سال ۾ هڪ ڀيرو به نڪرندو هو. اين. ايم. بليموريا ساٿي ايڊيٽر ۽ ايڊيٽوريل ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. هن جو تعلق ڪراچي شهر جي پارسي برادريءَ سان هو. جرنل لاءِ وڌ ۾ وڌ مواد بليموريا صاحب لکيو ۽ ڇپرايو. ان کان سواءِ بي. ڊي. ميرچنداڻي (آءِ. سي. ايس)، اي. بي. آڏواڻي، ماڻڪ بي. پٿاوالا، سي. ايل. ماڙيوالا، ايڇ. ٽي. ليمبرڪ (آءِ. سي. ايس) ۽ مِس سرلا جي نرسين پڻ سنڌ متعلق هن پرچي ۾ لاڳيتو لکيو. عجب جي ڳالهه آهي ته سنڌي مسلمان عالمن ۾ سواءِ محمد حنيف صديقيءَ جي ٻئي ڪنهن به هن جرنل لاءِ نه لکيو. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ ان جي جرنل کي اڳتي وڌائڻ وارا عيسائي، پارسي، انگريز ۽ هندو هئا. سوسائٽي جنهن وقت سنڌ تي رٿابنديءَ سان ڪم ڪرڻ طرف وڌي رهي هئي، ان وقت هندستان جو ورهاڱو ٿيو. آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو، تڏهن سنڌ ۽ خاص طرح سان ڪراچي شهر جي صورتحال يڪسر تبديل ٿي وئي. هندن، انگريزن ۽ پارسين مان ڪي لڏي ويا ۽ ڪي بدليل حالتون ڏسي خاموش ٿي ويا. ائين هڪ خالص علمي اداري ۽ ان جي جرنل جي خاتمي جو وقت اچي ويو.
هن وقت سنڌ ۾ ڪنهن به ڪتب خاني ۾ هن جرنل جو مڪمل سيٽ موجود ڪونهي. ڪٿي ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ پرچا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. شايد ان جو هي سبب به هجي ته مسلمانن هن پرچي جي واڌاري ۾ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪيو ۽ ان کي هندن، انگريزن، عيسائين ۽ پارسين جو ڪم سمجهندي، اهميت جوڳو نه سمجهيو.
هن وقت تائين هن جرنل ۾ ڇپيل مواد ذريعي ٻه ڪتاب مرتب ٿي ڇپيا آهن: (1) ماڻڪ بي. پٿاوالا جو ڪتاب ’هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ‘ (Historical Geography of Sindh)، جيڪو اصل ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۾ ڇپيل/ لاڳاپيل مواد جي ميڙا چُونڊِي آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1976ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، (2) ٻيو ڪتاب ’سنڌ آبزروَڊ‘ (Sindh Observed) جي نالي سان لاهور مان 1993ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ سوسائٽيءَ جي جرنل مان 19 مضمون منتخب ڪري ڏنا ويا آهن.