دَمِڙي: دمڙي، قديم وقت جي هڪ سڪي جو نالو آهي، جيڪو پراڻي وقت جي پئسي جي اٺين حصي برابر هوندي هئي. دمڙيءَ جو مُلھہ ڪوڏيءَ کان وڌيڪ هوندو هو ۽ دمڙيءَ جو وٽ تولي جي اٺين حصي جي برابر هوندو هو. هٽ واڻيا، حساب ۾ پائي بہ نہ ڇڏيندا هئا، ان ڪري ڪيترين چوڻين جنم ورتو، جھڙوڪ: (1) واڻيي جي دمڙي، ڇني چمڙي، (2) چمڙي وڃي تہ وڃي، پر دمڙي نہ وڃي.
هنديءَ ۽ اردوءَ ۾ بہ ساڳيءَ معنيٰ سان اها چوڻي مستعمل آهي، ’چمڙي جا ئي، دمڙي نہ جائي‘ جو ارين جي اصطلاح ۾ دمڙي، هڪ رُپئي کي چوندا آهن.
- دمڙي، ڀرت جو هڪ قسم بہ آهي.