
دُبِ اڪبر
دُبِ اڪبر: آسمان ۾ ستن تارن جو جهرمٽ. هنن ستارن جي مشاهدي سان روشنين جي اهڙي جادوئي نظاري تي حيرت ٿيندي آهي. مشاهدي ۽ سائنس جي علم ڪائنات جي ڪيترن ئي اسرارن تان پردي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آسمان ۾ چمڪندڙ ۽ ٽمڪندڙ ستارن لاءِ قديم زماني کان مختلف قصا ۽ ڪهاڻيون جوڙيون ويون آهن، مطلب تہ هر تھذيب جي ماڻهن آسمان ۾ نظر ايندڙ انهن صدين جي ڄمار وارن ستارن کي مختلف قصن ڪهاڻين سان وابستہ ڪيو آهي ۽ پنھنجي سمجهہ آهر نالا ڏنا آهن ۽ ستارن جي عدد کي ڪنهن نہ ڪنهن ڪڙيءَ ۾ جوڙي نقشا ۽ تصويرون پڻ ٺاهيون آهن.
وسيع آڪاش ۾ ستن ستارن جي هن جهُرمٽ کي عظيم رڇ يعني دُب اڪبر جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ ستارن جي هن جهرمٽ کي ‘Great Bear’ چيو ويندو آهي. روشن ترين ستارن جو هي جهرمٽ آسمان جي اتر واري ڪنڊ کان، آسمان جي چوٿين حصي واري ’بلندي‘ تي نظر ايندو آهي. قديم دور کان مجمع النجوم يعني ’ستارن جي ميڙ‘ کي ’يوناني رڇ‘، جڏهن تہ رومن ۾ ursi major (دُبِ اڪبر) جي نالي سان سڏيندا آهن. دب اڪبر ۾ موجود ستن روشن ترين ستارن جو مجموعو هڪڙي چمچي جو پڻ خاڪو جوڙيندو آهي. قديم دؤر کان هندو هن جهرمٽ کي ستن رشين (مهان بزرگن) طور سڏيندا آهن. دُبِ اڪبر تي موجود ستارن مان ڇھہ ستارا ٻئي درجي جا روشن آهن ۽ هڪڙو ٽئين درجي جو روشن ستارو آهي.
دُبِ اڪبر جي پڇڙيءَ وارن آخري ٻن ستارن جي سڌائيءَ ۾ جيڪڏهن غور وچان نهاربو تہ قطب تارو پڻ واضح نظر ايندو آهي، ائين ئي آسمان ۾ موجود ٻين ستن گهٽ روشن ۽ ڳُتيل ستارن جو ميڙ پڻ موجود آهي. جنهن کي دُبِ اصغر (Ursa minor) يا little bear چئبو آهي.