دُخان

دُخان (سورة): سورة دُخان قرآن مجيد جي 44هين سورت آهي. هيءَ سورت مڪي ۾ نازل ٿي، جنهن ۾ 3 رڪوع ۽ 59 آيتون آهن. دخان جو عام مطلب دونهون آهي، پر هن سورت ۾ ان جو مطلب ڏڪار يا سوڪهڙو ورتو ويو آهي. جڏهن مڪي جي قريشين جي مخالفت حد کان وڌي وئي تڏهن پاڻ ڪريمن صلي عليہ وسلم، تعاليٰ کان دعا گهري تہ يا رب العالمين! حضرت يوسف عليہ السلام جي دور جهڙو ڏڪار آڻي منهنجي بہ مدد فرماءِ تـه مـتـان ان سـوڪهـڙي مـان سـبـق پرائي مڪي جا ڪافر توکي ٻاڏائين. تعاليٰ پاڻ ڪريمن صہ جي دعا قبول فرمائي ۽ پوري علائقي ۾ زبردست ڏڪار پيو ۽ ماڻهو سخت پريشان ٿي پيا. تان جو قريشن ابو سفيان کي پاڻ ڪريمن صہ جن جي خدمت ۾ موڪليو ۽ ان اچي کين دعا لاءِ عرض ڪيو، جيئن ماڻهن کي ان مصيبت کان نجات ملي. انهيءَ موقعي تي هيءَ سورت نازل ٿي.
هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ قرآن مجيد پاڻ ڪريمن صلي عليہ وسلم جو هٿ جو ٺهيل ڪتاب ناهي. هي هڪ مبارڪ ڳالھہ آهي تہ تعاليٰ توهان جي هدايت لاءِ هڪ رسول ۽ ڪتاب موڪليو ۽ هاڻي جو اوهان هن غلط فهميءَ ۾ ڦاٿا آهيو تہ اوهان رسول ۽ هن ڪتاب سان وڙهي کٽي ويندؤ، سو بلڪل غلط آهي. اوهان اهو بہ مڃو ٿا تہ هن پوري ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ تعاليٰ آهي ۽ زندگي ۽ موت جو مختيار بہ ان کي مڃيو ٿا، پوءِ بہ اوهان ٻين کي معبود ٺاهيو ٿا. حقيقت ۾ اوهان جو رب هڪ ئي آهي، جنهن جي توهان کي بندگي ڪرڻ گهرجي. اهي ڳالهيون سمجهائڻ کان پوءِ ڏڪار جي معاملي ۾ ڌيان ڇڪايو ويو آهي ۽ رسول صلي عليہ وسلم کي ٻڌايو ويو آهي تہ ماڻهو اهڙين ننڍين ننڍين مصيبتن کان ڪٿي ٿا سبق پرائين. مٿن هاڻي عذاب ٽري بہ ويو تہ وري اهي ساڳيءَ ريت آڪڙجي ويندا. ان سلسلي ۾ فرعون ۽ سندس قوم جو مثال ڏنو ويو آهي تہ بار بار تنبيھہ جي باوجود بہ اهي سمجهي نہ سگهيا. نيٺ فرعون ۽ سندس قوم هميشہ لاءِ عبرت جو نمونو ٿي رهجي ويا. هن سورت جي پڇاڙيءَ ۾ آخرت بابت بحث ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي تہ دنيا هڪ حڪمت ڀريو نظام آهي. اها کيڏاڙيءَ جو رانديڪو ناهي. مالڪ وٽ هر شخص جواب ڏيڻ جو پابند آهي، جيڪي ماڻهو مجرم هوندا، تن جو انجام گهڻو خراب ٿيندو ۽ جيڪي چڱا عمل ڪندا، سي ڪامياب ٿيندا.


لفظ دُخانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو