دُرَ: ڪنن ۾ پائڻ جو ڪ زيور آهي. هيءُ دراصل فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’هيرو‘ آگيدُر. 18 صدي عيسويءَ ڌاري افغان حاڪم احمد شاھہ ابدالي، جيڪو نادر شاھہ کانپوءِ حاڪم بڻيو، سو پاڻ کي ’دُر- دؤران‘ يعني وقت جو هيرو يا موتي ’سڏائيندو هو. سنڌيءَ ۾ ’دُرِ‘ لفظ ان ڪري مشھور ٿي عمل ۾ آيو، جو سنڌي عورتون ڪنن جي دُرن ۾ سَچا هيرا جڙائينديون هيون. پٺاڻن ۾ اَتن (Atan) نالي هڪ لوڪ ناچ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڀ جوان ڇوڪريون شامل ٿينديون آهن. هيءُ ناچ بھار جي موسم ۾ ٿيندو آهي، هن ناچ ۾ شامل ٿيندڙ هر ڇوڪريءَ کي ’دُرِ خاني‘ (يعني ان راند جي مکيہ ڇوڪري) چيو ويندو آهي.