دُرَ: ڪنن ۾ پائڻ جو ڪ زيور آهي. هيءُ دراصل فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’هيرو‘ آگيدُر. 18 صدي عيسويءَ ڌاري افغان حاڪم احمد شاهه ابدالي، جيڪو نادر شاهه کانپوءِ حاڪم بڻيو، سو پاڻ کي ’دُر- دؤران‘ يعني وقت جو هيرو يا موتي ’سڏائيندو هو. سنڌيءَ ۾ ’دُرِ‘ لفظ ان ڪري مشهور ٿي عمل ۾ آيو، جو سنڌي عورتون ڪنن جي دُرن ۾ سَچا هيرا جڙائينديون هيون. پٺاڻن ۾ اَتن (Atan) نالي هڪ لوڪ ناچ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڀ جوان ڇوڪريون شامل ٿينديون آهن. هيءُ ناچ بهار جي موسم ۾ ٿيندو آهي، هن ناچ ۾ شامل ٿيندڙ هر ڇوڪريءَ کي ’دُرِ خاني‘ (يعني ان راند جي مکيه ڇوڪري) چيو ويندو آهي.