دُرِ نجف

دُرِ نجف

دُرِ نجف

دُرِ نجف: هڪ قسم جو پٿر، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Moonstone چيو ويندو آهي. هيءُ پٿر سفيد رنگ جي بلوري چمڪدار شيشي جهڙو ۽ گهڻو ڪري عراق جي شھر نجف ۾ ملي ٿو. هن پٿر جي فضيلت ڪيترن ڪتابن ۾ اچي چڪي آهي. اسـلامـي عـقـيــدي مـوجـب هـن پـٿـر جو رتبو مٿانهون ليکيو وڃـي ٿـو. عـراق ۾ هيءُ پٿر وڏي مقدار ۾ لڀي ٿو. زمين جي سـطـح تـوڙي زميـن اندر در نجف موجود آهي. نجف شھر جي بازارن ۾ هن جا ٻہ قسم ملن ٿا. هڪ در نجف بري ۽ ٻيو در نجف بحري.
بحري در نجف گهڻو سفيد ۽ براق هوندو آهي، جڏهن تہ بري درنجف ۾ چمڪ گهٽ هوندي آهي. روايت آهي تہ هڪ ڏينهن، مفضل بن عمر، در نجف جي منڊي پائي حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو تہ حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام فرمايو تہ: ”اي مفضل! هن نگيني (داڻي) کي ڏسڻ سان خوشي حاصل ٿئي ٿي، اکين جي سور ۾ هي پٿر هر مؤمن توڙي مومنياڻيءَ لاءِ مفيد آهي. هن پٿر جو مزاج خوشي پيدا ڪندو آهي. ابو طاهر اهڙيءَ روايت کي جڏهن حضرت امام حسن عسڪري عليہ السلام جي خدمت ۾ پيش ڪيو تہ پاڻ اهڙي روايت جي تصديق ڪيائين.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو