دُلدل: حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي خچر جو نالو، جيڪو ميٽي رنگ جو هو ۽ اُهو مقوقس، پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم کي هڪ گڏھہ سان گڏ تحفي ۾ ڏنو هو. گڏهن کي ’عفير‘ چيو ويندو هو. دلدل حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم کي جنگين ۾ سواريءَ جو ڪم ڏنو. پاڻ سڳورن جي وصال کانپوءِ بہ دلدل زندہ رهيو ۽ جهونو ٿي ويو هو. ايتريقدر جو ان جا ڏند بہ ڪِري پيا هئا، ۽ ان کي جوَ بہ هٿن سان سندس وات ۾ وجهي کارائبا هئا. اهل تشيع جي روايت موجب جنگ جمل ۾ حضرت علي ڪرم ﷲ وجه انهيءَ دلدل تي سوار هئا ۽ صفين جي جنگ ۾ بہ ان تي ئي سواري فرمايائون.