دُنگي

دُنگي: دُنگي ٻيڙيءَ جو هڪ قسم آهي. هيءَ وڏي ٻيڙي ٿيندي آهي. اها درياهي يا سامونڊي ٻيڙي، ننڍي واپاري جھاز وانگر ٿيندي آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ مغربي واپارين، ڌارين حملہ آورن جي سنڌو ساگر/ سنڌو درياھہ ۾ آمد ڏسي، معلمن/ ناکئن کي خبردار ڪندي چيو هو تہ:
دُنگي منجهہ دريا، ڪ ٻُڏي ڪِ اُپڙي،
معلم ماڳ نہ اڳئين، ڦلنگي منجهہ ڦريا!


لفظ دُنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو