دُهري

دُهري

دُهري

دُهري (ڳهه): دهري ڳچيءَ جو ڳهه آهي، جيڪو سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان رائج آهي. هيءُ ڳهه خاص طور سنڌ ۾ عورتن جي هار سينگار جو نهايت ئي عمدو ڳهه آهي، جنهن کي اهي وڏي ذوق سان پائين ٿيون. آڳاٽي زماني ۾ راجا، بادشاهه، شهزادا مرد به دهريون پائيندا هئا، پر هاڻي گھڻو ڪري فقط راڻيون، شهزاديون ۽ امير گھراڻن جون عورتون هيءُ ڳهه زيب زينت لاءِ پائين ٿيون. دُهري نج سون مان جڙيل هوندي آهي، ان ۾ مَٺُ بلڪل ڪونه ملائيندا آهن ۽ ان ۾ سون جھجھي مقدار ۾ هوندو آهي، تنهن ڪري هيءُ ڳهه مهانگو ٿئي ٿو.
دهريءَ جا قسم ۽ نالا دهريءَ جي گھاڙيٽي ۽ لڙين جي تعداد جي مطابقت سان سڏجن ٿا، جهڙوڪ: ٽه سري، پنج سري ۽ ست سري دُهري وغيره. هڪڙيون دهريون بندن واريون ٿين ٿيون، جن ۾ پتل ۽ پتل واريون لڙيون پويل هونديون آهن. ڪي وري رڳو ٽن، پنجن ۽ ستن پتلن واريون لڙيون هونديون آهن. پُتلا ننڍا توڙي وڏا دُهريءَ ۾ ترتيب سان لڳايا ويندا آهن. پتلن تي ڪُندن جو ڪم ٿيل هوندو آهي. دُهري ساهرا به ڏين ته پيڪا به ڏين . دهري جيڪڏهن ساهراڻي هوندي ۽ ڇوڪري ساهرن ۾ خوش نه هوندي ته اهو پهاڪو ڏينديون ته:
ڳچيءَ ۾ دُهري، مٿي تي مُهري،
امڙ اهڙي سک کي ٻن وجھجي.
لوڪ گيتن، ڳيچن، سهرن ۽ لوڪ ادب ۾ پڻ دُهريءَ جو تمام گھڻو ذڪر آهي، مثال طور:
دهري لاڏل جي مان لاڙائون گھڙايان،
لاڙئون گھڙايان، ڀائر سڏايان!
سونارا هيءُ ڳهه وينجھر ٻُڙن کي لاک ۽ ڄؤ سان دُهريءَ ۾ لڳائي جُڙي ٺاهي تيار ڪن ٿا. دُهريءَ جا خاص ڪري ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ سنڌي دُهري ۽ ٻي فيشني دُهري. فيشني دُهريءَ تي زرقون ۽ ٻين ننگن جي جڙاءَ سميت ڪاسٽنگ جو ڪم به ٿئي ٿو. ڇلائيءَ ۽ ڄاريءَ جو ڪم به ڪيو ويندو آهي. دُهري ۾ داڻا، مڻيا، پتلو، بند ۽ سٽ ڪم ايندو آهي.


لفظ دُهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو