دُهل
دُهل
دُهل (ساز): دهل سنڌي سازن ۾ اهم وڄت جو ساز آهي. هي ساز پراڻي وقت ۾ مصر ۾ به ساڳئي نالي سان موجود هو. يونان وسيلي يورپ ۾ ان جي پذيرائي ٿي. هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي تصويري آثارن ۾ دهل جي شڪل جهڙو هوبهو ساز ان جي قدامت ٻڌائي ٿو. دهل ماضيءَ ۾ جنگ لاءِ خطري جي وقت يا ڪنهن اطلاع ڏيڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. هاڻي به ان جي ساڳي اهميت آهي. اڳتي هلي دهل گهڻو ڪري تال طور استعمال هيٺ آيو. دهل شادين، ملاکڙن ۽ محرم ۾ پڙهي لاءِ سنڌ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هي وڄت جو مکيه ساز آهي، جنهن مان مختلف تال خوبيءَ سان وڄائي سگهجن ٿا.
دُهل، لئيءَ يا انب جي ڪاٺ جي دوڳيءَ کي پورو ڪري ٺاهيو وڃي ٿو.هن جي ٻنهي سِرن تي ٻڪريءَ جي ڪمايل کل چاڙهي ويندي آهي. کل کي اندران ۽ ٻاهران ڪاٺ جي پٽيءَ سان بند ڪيو ويندو آهي. اندرين پٽي ٻاهرين پٽيءَ کان ڪجهه ٿلهي ٿئي ٿي، جنهن کي ’ڪينر‘ ۽ ٻاهرين ڦرد يا پٽيءَ کي ’باچو‘ چوندا آهن. ڪينر ۽ باچي جي وچ ۾ کل کي مضبوط ڪري، رسين سان ڇڪي ٻڌو ويندو آهي. اهي رسيون ٿلهي سُٽ جو ٺهيل هونديون آهن، جن کي ’ڪشو‘ چوندا آهن. ڪشو ٻنهي پڙن کي ڇڪي ٻڌو ويندو آهي ۽ هڪ کان ٻئي ڪشي جي وچ ۾ چمڙيءَ يا ٽامي جو ڇلو وڌو ويندو آهي. ڪشو هڪ پڙيءَ کان ٻي پڙي تائين ذري گهٽ 45 ڊگرين جي ڪنڊ ٺاهي ٿو، جنهن ۾ چمڙي يا ٽامي جو ڇلو وجهي گهرج موجب پڙين کي ڇڪي يا ڍرو ڪري گهربل تال وٺي سگهبي آهي. دهل جي ٻن پڙين مان هڪ نر کي ’بم‘ چوندا آهن، جيڪو ٿلهو آواز ڪڍندو آهي، ٻي ماديءَ کي ’تالي‘ چوندا آهن، جيڪا سنهو آواز ڪڍندي آهي. نر واري پڙي کي اندران ڌوپ ۽ تيل جو مک ڏيندا آهن ته جيئن آواز ٿلهو ڪري. هنن پڙين کي ڏوڪن سان وڄائبو آهي، جيڪي ٻٻر يا ڪهوءَ جون فوٽ ڏيڍ جون ڪاٺيون هونديون آهن. دهل وڏي ماپ جو به ٿيندو آهي. ان جو آواز رات جي خاموشيءَ ۾ پري ميلن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي.
سنڌ ۾ دهل کي تال طور وڄائڻ جو رواج سمن جي دور کان ڏسجي ٿو. جو اهڙي قسم جي وڄتن جا نالا ملن ٿا، جيئن سماٽڪا ٽڪا، سماٽڪا اکر، سماٽڪا ٻول وغيره. اهي ٻول ٻڌائين ٿا ته دُهل سمن جي صاحبيءَ ۾ تال طور ڪم ايندو هوندو، بعد ۾ وقت جي بادشاهه جي دربار ۾ اچڻ وقت شادمانو وڄايو ويندو هو.
سنڌ ۾ دهل گهڻ مقصدو ساز ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن جي وڄائڻ جا گهڻا نمونا آهن. هيءُ ساز ڪيترن ئي مقصدن لاءِ ۽ موقعن تي وڄايو وڃي ٿو.
دُهل ڏونڪن سان وڄندو آهي، جيڪي بم ۽ تاليءَ تي ضرب هڻندا آهن. اڳي تالي هٿ سان وڄائبي هئي، مگر هاڻي ان لاءِ سنهي ڪاٺي ڪم ايندي آهي، جنهن کي ’ڇينڀ‘ چوندا آهن.
دهل مان هيٺيان ٻول نڪرن ٿا:
ڌا- جها- تا- تِڪ- نڪ- گهنا- ڪِت- تن- ڌِن. ان کان سواءِ: ڪَتا- ڪِتا- گهِنا- گهَنا- جِهنا- جَهنَا- گِهٽي- جھني- ڪِتند- جهينا- جهيني- ڌآن- ڌِنَا.
سمهه جو تال: جهن ڌي گي گِهنا+ جهن ڌي گي گِهنَّا. ٽاهو تال : ڌا گهنا نڪ+ تا گهنا نِڪ.
سماٽڪا ٻول: گهن گهنا تِينڌا ڪتيندا- ۽ ڌا ڌِنا ڌا تِن.
انهن کان سواءِ دهل تي هيٺيان تال به وڄايا وڃن ٿا:
چينچل- ڪلواڙو- چالو- اڌايو- اولنگ- مُول وهول.
جهمر- هسواري- نوشاهي- جهمٽي- لمدي- بَاٿِي جَهلڪو- ٽائو- پڇند وغيره.
ان کان سواءِ به ڪي تال ڪاريگر مڱڻهار وڄائين ٿا، جن ۾: ڌاگ ڌاگ- آرُو- بندرا بني ۽ سول وغيره اچي وڃن ٿا. ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ جهپ، تال ۽ ڌمار به وڄايا ويندا آهن.
قلندر جي درگاهه تي ڌمال جو دهل، ان کي ’درگاهه جي چوڪي‘ به چون.
ان کان سواءِ هيٺين موقعن تي به دهل جون الڳ وڄتون ۽ انگ رکيل آهن:
ٽاهو: ملاکڙي ۾ دهل ۾ وڄائين، جنهن جي وڄت ٽاهُو کان ڪجهه سست ٿيندي آهي.
باٿي جهلڪو: ماني ويل وڄائين.
شادمانو: ٻُڪيءَ ۽ مينديءَ مهل شادين ۾ وڄائين،
سَنجهو: شاديءَ جو سڏ ڏيڻ وقت وڄائين،
لمدي تال: جڏهن ڄڃ تيار هجي ته ان جو اطلاع ڏين،
هسواري/دستانو: شادي شروع ٿيڻ مهل وڄائين،
هنبوڇي/ ڇتي واهول: سرگس مهل گهوٽ جڏهن مسجد وٽ پهچي ته وڄائين،
ٽاهو: سرگس مهل وڄائين،
نوشاهي/ چنچل: لانئون لهڻ مهل وڄائين،
جمرتال: جمالي ڳائڻ مهل وڄائين، ۽
چينو: سهرن ۾ وڄائين.
سنڌ ۾ دهل وڄائڻ جا تمام گهڻا ڪاريگر استاد هئا ۽ هن وقت به آهن.