دُڙٻ نئن: ديھہ جاگير- 6، چڪ- 8، يو.سي غيبي ديري تعلقي قنبر ۾ واقع آهي. هن نئن تي ڪاڇي ۾ وڏي آبادي ٿيندي آهي. هن نئن جي جابلو ٽڪريءَ جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي ‘دڙٻ’ جو مشھور مقام ۽ ‘ٽوپي’ ٽڪري واقع آهن. هيءَ نئن لاکاڻي جبلن کي پار ڪري بلوچستان جي ‘ڪرچڪوءَ’ کان برسات جي موسم ۾ پاڻي کڻي آڻي، پانڌي گهاڙي، ڪڙھہ ٻرڙا ۽ ٻين علائقن کي سيراب ڪري ٿي. هن نئن جي تيز وهڪري سبب ان جي ڀر ۾ گهر نہ ٺاهيا ويندا آهن، البت نئن جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي ٽڪرين مٿان مينهون خان چانڊيو، ڌڻي ڏنو خان چانڊيو ۽ شھيد نظام الدين چانڊيو ڳوٺ آباد آهن