دِين: زندگيءَ جو اهو طريقو يا نظام، جنهن جي قائم ڪندڙ کي سند يا اطاعت جي قابل سمجهي، ان جي تابعداري ڪجي. عربي ٻوليءَ ۾ ان جو هڪ مفهوم آهي اناج ۽ اقتدار، مالڪاڻو ۽ حاڪماڻو اختيار، سياست ۽ حڪمراني، ٻين تي پنهنجو فيصلو صادر ڪرڻ. ٻيو مفهوم آهي اطاعت، فرمانبرداري ۽ غلامي. ٽيون مفهوم هي آهي تہ اها عادت يا طريقو، جنهن جي انسان پيروي ڪري، قرآن مجيد ۾ ﷲ تعاليٰ جو فرمان آهي: ”۽ انهن کي حڪم نہ ڏنو ويو، مگر هن ڳالھہ جو تہ هڪ ئي خيال ڪري پنھنجي دين کي ﷲ تعاليٰ لاءِ خالص ڪندي ان جي عبادت ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهو ئي سڌو دين آهي.“ (البينة: 5).
”اڄ توهان جي دين جي طرف کان ڪافرن جي اميد ختم ٿي چڪي آهي، توهان انهن کان نہ ڊڄو، بلڪ مون کان ڊڄو، اڄ مون توهان جي واسطي توهان جو دين ڪامل ڪري ڇڏيو.“ (المائده: 3).
ﷲ تعاليٰ وٽ انسان لاءِ فقط هڪ ئي زندگيءَ جو نظام ۽ هڪ ئي طريقہ حيات درست ۽ صحيح آهي ۽ اهو هي آهي تہ انسان ﷲ تعاليٰ کي پنهنجو مالڪ ۽ معبود مڃي ۽ پاڻ کي ان جي غلامي ۽ بندگيءَ جي بلڪل حوالي ڪري ڇڏي ۽ ان جي بندگيءَ جو طريقو پاڻ نہ ٺاهي، بلڪ ان پنھنجي پيغمبرن جي ذريعي جيڪا هدايت ڪئي، ڪنهن بہ گهٽ وڌائي کانسواءِ ان جي پيروي ڪري. انهيءَ طرز فڪر ۽ عمل جو نالو ’اسلام‘ آهي ۽ ﷲ تعاليٰ جي طرفان جيڪو بہ پيغمبر زمين جي ڪنهن بہ حصي ۽ ڪنهن بہ زماني ۾ آيو آهي، ان جو دين اسلام ئي هو ۽ جيڪو بہ ڪتاب ڪنهن بہ زبان ۽ ڪنهن بہ قوم تي لٿو تنهن اسلام جي ئي تعليم ڏني.
ﷲ تعاليٰ فرمائي ٿو تہ: ”ﷲ وٽ دين فقط اسلام آهي، انهيءَ دين کان هٽي ماڻهن جيڪي مختلف طريقا اختيار ڪيا، جن کي ڪتاب ڏنو ويو، انهن جي انهيءَ طرز عمل جو سواءِ هن جي ٻيو ڪو بہ سبب نہ هو تہ انهن علم اچڻ کانپوءِ بہ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان زيادتي ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ۽ جيڪو ﷲ تعاليٰ جي احڪام ۽ هدايتن کان انڪار ڪري، ﷲ کي ان کان حساب وٺڻ ۾ ڪا دير نہ ٿي لڳي.“ (آل عمران: 19).