دٻي جي جنگ جو نقشو
دُٻي جي جنگ جو منظر
هوشو شيدي جي خيالي تصوير
جرنل هوشو شيديءَ جي مزار
ثقافت کاتي جو هوشو شيدي يادگار ۽ دٻي جي جنگ ۾ مري ويل انگريز سپاهين جو يادگار
دُٻي جي لڙائي: دٻي واري جنگ حيدرآباد ويجهو 24 مارچ 1843ع تي ٿي هئي، جڏهن ته دٻي ۽ مياڻيءَ جون لڙايون، انگريزن جي سنڌ تي قبضي سان واسطو رکن ٿيون. 17 فيبروري 1843ع تي، جمعي جي ڏينهن ٽالپرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ مياڻيءَ جي ميدان تي مشهور لڙائي ٿي. هن ڏينهن سنڌ جي آزادي کسجي وئي. چارلس نيپيئر چالاڪيءَ ۽ دوکيبازي سان، سنڌ جي تڏهوڪي حاڪم مير نصير خان ٽالپر کي سندس سؤٽن، پٽن، ڀائيٽين ۽ ڀائرن سميت قيد ڪيو. مير حڪمرانن تي مياڻيءَ جي شڪست جو اهڙو ته اثر پيو، جو سندن دفاع ۽ مقابلي جون سموريون تدبيرون مات ٿي ويون. مياڻيءَ واري جنگ جي ڏينهن ۾ ميرپور جو والي شير سنڌ، مير شير محمد خان به اچي ويجھو پهتو هو، پر ميجر آئوٽرام اٽڪل ڪري کيس پٺتي موٽايو. ٿڪل انگريزي فوج تي بروقت مير شير محمد خان حملو ڪري ها ته شايد معاملو سنڌ جي فائدي ۾ ٿئي ها. ان هوندي به، کيس يقين هو ته چارلس نيپيئر، مير صوبدار خان کي حيدرآباد جو والي مقرر ڪندو. خيرپور جو والي مير علي مراد، جيڪو انگريزن جي فوج جو ساٿاري ٿي پنهنجن کي مارائي رهيو هو. هن مير شير محمد خان کي چارلس نيپيئر جي چوڻ تي جنگ کان گهڻو روڪيو، پر مير شير محمد خان جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺو. انهيءَ دوران هوش محمد قنبراڻيءَ (هوشو شيديءَ) ۽ ساٿين سميت حيدرآباد مان مير صاحبن جي ديرن پاران موڪليل ترار ۽ پيغام سميت اچي مير شير محمد خان وٽ پهتو. انهيءَ خط ۾ مير صاحبن جي ديرن، شير محمد خان کي لکيو ته: ”ادا! هيءَ ننگ جي ترار آهي، جيڪا اوهان ڏانهن موڪلي اٿئون، اسان نياڻين پاران اوهان کي عرض آهي ته جيڪڏهن ڪا رنجش آهي ته ان کي درگذر ڪيو. جيئن اڳ اوهان جو ڏاڏو مير فتح خان، مير بهرام خان ۽ مير صوبدار خان جي شهادت کانپوءِ ڪلهوڙن سان وڙهيو ۽ ننگن جو نگهبان ٿيو. تيئن اوهان به اڄ اهو ننگ سڃاڻي اسان جي مردن کي انگريزن جي قيد مان آزاد ڪرايو.“ مير صاحبن جي انهن ديرن مان هڪ مير شير محمد خان جي ڀيڻ هئي، جيڪا مير محمد خان ٽالپر جي گهر واري هئي، پر حيدرآباد جي قـلعـي ۾ ڦـرلـٽ وقـت جـڏهـن مير صوبدار خان به گرفتار ٿيو هـو، تـڏهـن مير شير محمد خان کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هئي ۽ مير نصير خان جي ڀاڄائي، مير نور محمد خان جي بيگم کان هڪ لک روپيا اڌارا وٺي، وڌيڪ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو، ان کانسواءِ مياڻيءَ جي لڙائيءَ جا شڪست کاڌل بلوچ سپاهي به وٽس گڏ ٿيندا ويا. اها حالت ڏسي نيپيئر کي ڳڻتي ورائي وئي ۽ هن مير شير محمد خان کي 3 مارچ تي خط لکي موڪليو ته تون شڪست کاڌل بلوچ سپاهين تي ڀروسو ڪري فوج گڏ ڪري رهيو آهين، اها سراسر تنهنجي غلطي آهي. ان ڪري نيڪ صلاح اها آهي ته حيدرآباد ۾ اچي منهنجي آڏو پيش پئه. ٻيءَ صورت ۾ توکي سخت سزا ڏني ويندي.“ مير شير محمد خان کي حيدرآباد جي ميرن سان ٿيل هلت جي سڄي خبر هئي، سو ڪيئن ٿي سر چارلس نيپيئر آڏو پيش پيو. انهيءَ وچ ۾ مير شير محمد وٽ ٽيهه هزار سپاهي اچي گڏ ٿيا. سر چارلس نيپيئر اها خبر ٻڌي، خط ذريعي لارڊ ايلنبرو کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو، جنهن فيروزپور ڇانوڻيءَ کان توبخانو ۽ پيادي فوج سنڌ ڏانهن موڪلي. ان کان سواءِ هن سکر مان مخصوص (Reserve) فوج گھرائڻ جو به بندوبست ڪيو ۽ بمبئي سرڪار کي بحري فوج موڪلڻ لاءِ لکيو. نيپيئر کي آهستي آهستي گرم موسم جي سختيءَ به خوف هو. ان کان سواءِ مير شير محمد جي مقابلي لاءِ ڪافي فوج نه هئڻ سبب، نيپيئر کي امدادي فوج جي انتظار ۾ لاچار ترسڻو پيو. پنهنجي آسانيءَ لاءِ هن جي مرضي هئي ته مير شير محمد حيدرآباد جي ويجھو اچي جنگ ڪري ته چڱو. انهيءَ وچ ۾ هوشو شيدي به پنهنجن سـاٿـيـن سمـيـت اچي ميـر شيـر مـحمـد خـان سان گڏيو. آخر 15 مارچ تي مير شير محمد خان، حيدرآباد کان 12 ميلن جي پنڌ تي ناريجاڻيءَ وٽ پهچي، نيپيئر ڏانهن پنهنجي ايلچيءَ هٿان پيغام موڪليو ته جيڪڏهن تون مال غنيمت واپس ڪندين ۽ قيدي ميرن کي آزاد ڪندين ته، آءٌ بنا شرط جي توکي ملڪ ڇڏي وڃڻ جي اجازت ڏيندس. سفيرن جيئن اهو پيغام نيپيئر کي پهچايو، تيئن انگريز ڇانوڻيءَ مان شام جو توب جو آواز گونجيو. نيپيئر توب ڏانهن اشارو ڪري ايلچين کي چيو: ”اهو آهي منهنجي طرفان اوهان جي پيغام جو جواب.“ اهڙو سخت جواب ٻڌي مير شير محمد خان اڃا به وڌيڪ سپاهين جي ڀرتي ڪرڻ لڳو. نيپيئر پڻ ڪئپٽن اسٽئڪ جي فوج جو منتظر هو، جيڪا سکر کان حيدرآباد اچڻي هئي، جنهن ۾ 1500 سپاهي ۽ 5 توبون شامل هيون، جيتوڻيڪ 18 مارچ تي سکر مان ٻيڙن رستي 21 ديسي پيادي فوج پهچي وئي، پر تنهن هوندي به هو اسٽئڪ جي فوج جو منتظر هو. نيپيئر 18 مارچ تي روزنامچي ۾ لکيو آهي ته: ”مير شير محمد خان هن وقت ٽنڊي ڄام ۾ (ناريجاڻي) جنهن هنڌ منزل انداز آهي، اهو هنڌ مقابلي ڪرڻ لاءِ مياڻيءَ کان به ڏکيو آهي.“ هن حيدرآباد جو قلعو بحري فوج جي حوالي ڪري، سندن مدد لاءِ مير علي مراد خان ۽ آغا حسن علي خان جي ماڻهن کي ٻن توبن سميت ڇڏيو. ان سان گڏ قيدي ميرن کي ڇانوڻيءَ مان ڪڍي هٿياربند جهازن ۾ رکيو ويو، جيڪي بحري فوج جي نگرانيءَ هيٺ هئا. ان وچ ۾ روهڙيءَ کان مٽيارين وٽ ڪئپٽن اسٽئڪ به اچي رسيو. جيتوڻيڪ کيس ميجر ڪليبارن لکي موڪليو هو ته: ”جتي به هجو، اتي ترسي پئو“، پر جنرل کيس اڳتي وڌڻ جو حڪم ڪيو. هيڏانهن سکر کان پيادي فوج ۽ توبخانو درياهه رستي اچي حيدرآباد ۾ لٿا. هاڻ نيپيئر وڌيڪ فوج جو اتنظار ڪرڻ مناسب نه سمجھي، پنهنجيءَ فوج جو معائنو ڪيو، جنهن ۾ پنج هزار پيادا سپاهي، 1100 سوار ۽ سترهن توبون هيون. فوج جو معائنو ڪرڻ وقت، مير شير محمد خان جي سفيرن چارلس نيپيئر کي مير شير محمد جو نياپو ڏنو، جنهن ۾ کيس پيش پوڻ لاءِ چيو ويو هو. جنهن تي جنرل پنهنجيءَ فوج ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته: ”جيڪي ڏسو ٿا، سو وڃي پنهنجي مير صاحب کي ٻڌايو.“ لڙائيءَ واريءَ رات جنرل 2 بجي تائين انهن سفيرن سان ڳالهيون ڪيون، پر ڪجهه به نه وريو. جنرل، مير شير محمد بابت سوچيو ته هو ٽنڊي ڄام، هوسڙي يا دُٻي ۾ ڪنهن به هنڌ منزل انداز هوندو. 23 مارچ جي شام جو جنرل پنهنجيءَ فوج کي ڦليليءَ طرف ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. 24 مارچ جي صبح جو ساڻس ٻي فوج به اچي ملي، جنهن ۾ پيادا سپاهي ۽ توبخانو هو. جنرل جي فوج جي دستي جو سربراهه جنرل جيڪب هو، جنهن حيدرآباد جي اڀرندي طرف ڪوچ ڪيو. کيس رستي ۾ خبر پئي ته مير صاحب ٽنڊي ڄام جي بدران، 2 ميل پري منزل ڪئي آهي. نيپيئر جيڪب کي رُخ ڦيرائڻ لاءِ هدايت ڪندي پاڻ به سندس پويان روانو ٿيو، پر جيڪب کي جلد ئي مير شير محمد جي منزل جي خبر پئجي وئي، جا پوزيشن اتر کان ڏکڻ طرف ٿي وئي. جيڪب پنهنجي فوجي رسالي سان بلوچن جي سامهون پهچي، نيپيئر کي لکي موڪليو، هينئر فوج مياڻيءَ واريءَ فوج کان نرالي انداز ۾ هئي، انهيءَ وچ ۾ ٽالپرن جي سپاهين جيڪب جي فوجي رسالي تي 11 توبن سان هڪ ئي وقت ۾ گولن جو وسڪارو ڪيو. چارلس نيپيئر به اچـي اتـي پهتو، دٻي جي لڙائي، مياڻيءَ جي لڙائيءَ کان مختلف هئي. مير صاحب جي فوج تدبر واري پئي لڳي. بلوچ سپاهي اٽڪل 200 وال انگريزي فوج کان پري هئا. نيپيئر مير شير محمد خان جي فوج ۽ لڙائيءَ جي ميدان کي چڪاسڻ لاءِ ليفٽيننٽ برائون، ڪئپٽن هل ۽ ميجر وڊنگٽن کي موڪليو، جن بندوق باز لشڪر جي پوري معلومات حاصل ڪري، نيپيئر کي اطلاع ڏنو، جنهن تي نيپيئر توبخاني کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو. انگريزي فوج هيٺينءَ ريت صف آرا هئي: ساڄي پاسي: 25- بمبئي، 21- بمبئي پيادي فوج ۽ توبون، جن سان گڏ ڇيڙي تي 3- بمبئي لائيٽ سوار سپاهي ۽ سنڌ هارس. سامهون: 22- ريجيمينٽ ۽ 11 توبون، کاٻي پاسي: پونا مددي سپاهي ۽ 9 بنگال لائيٽ سوار فوج. ٽالپرن جا سپاهي مياڻيءَ واري ميدان کان منفرد، مختلف ۽ نئين انداز ۾ بيٺل هئا. نيپيئر لڙائيءَ جي ميدان کان متاثر ٿي، بلوچ سپاهين تي گولن جي برسات وسائڻ جو حڪم ڪيو، مير شير محمد خان جي فوج ۽ توبخانو به وڏو ڪم ڪري رهيو هو، پر اوچتو انگريزي فوج جا اڇلايل گولا مير صاحب جي بارود جي مٿان اچي ڪريا، جنهنڪري ڪيترا بلوچ سپاهي مارجي ويا ۽ فوج جي صفن ۾ بي ترتيبي شروع ٿي وئي. اتي مير صاحب انگريزي فوج جي کاٻي پاسي اڃا پنهنجي پوزيشن ئي نه سنڀالي هئي ته نيپيئر ڦليليءَ جي پريان هڪ ڳوٺ سمجھي، سوارن ۽ توبخاني کي اوڏانهن وڌڻ جو حڪم ڏئي حملو ڪرايو، پر اهي بلوچن جي مزاحمت ۽ بهادري ڏسي، پٺتي موٽيا. اهڙيءَ نازڪ حالت ۾ ڪئپٽن ليسليءَ مير جي فوج جي کاٻي پاسي ۽ وچ تي حملي ڪرڻ لاءِ وڌي انگريزي توبخانو سنڀاليو، جنهنڪري مـيـر صاحـب جـي فـوج جـو وچـيـون حـصـو سندن گولن جو نشانو ٿيو. اتي مير صاحب جي فوج جا ماڻهو وچ مان نڪري ساڄي پاسي ٿيا، جنهن تي نيپيئر سندن وچ وارو حصو مضبوط نه سمجھي مٿن حملي جي تياري ڪئي. پياديءَ فوج کي حڪم ڏنو ويو ته کٻي پاسي بلوچن تي حملو ڪن. 3 سوار فوج ۽ سنڌ هارس کي حڪم ٿيو ته پيادي فوج جي مدد لاءِ تيار رهن. اتي 22- پيادا فوج ۽ گھوڙن جو توبخانو به اڳتي وڌيو. هيءَ اها فوج هئي، جنهن مياڻيءَ واري لڙائيءَ ۾ فتح حاصل ڪئي هئي. اتي ناريجن جي ڳوٺ مان بلوچ سپاهين انگريزي فوج تي جوابي حملو سخت بندوقبازيءَ سان، وڏڦڙي مينهن وانگر شروع ڪيو، ان سان انگريزي فوج جي لائيٽ ڪمپنيءَ جو اڌ حصو مارجي ويو. نيپيئر هن مصيبت خيز منظر کي ڏسي، حملي کي تبديل ڪرڻ تمام مشڪل سمجھيو، کيس خبر پئي ته سندس ساڄي پاسي واري سوار فوج حملي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. نيپيئر ان جي معائني ڪرڻ لاءِ اڃا اڳتي وڌيو ته ان وچ ۾ مير صاحب جي فوج بندوقبازي بند ڪئي. جيتوڻيڪ هارس فورس دستو وچ ڏانهن وڌيو، پر ٽالپرن جي فوج تي قبضو ڪري نه سگھيو، اتي يقين ٿيو ته انهن پنهنجيءَ انهيءَ پوزيشن کي هٿ مان نه ڇڏيندا. جنرل حالتن کان بيحد متاثر ٿي ڏاڍو گھٻرائجي ويو. اتي مرضي ٿيس ته ٽالپرن جي فوج کي منتشر ڪريان. سندس اها چالاڪي اڳتي هلي ڪاريگر ثابت ٿي. سنڌ جي فوج جو وڏو حصو ڪئپٽن ليسليءَ جي حملي سبب وچ ڇڏي کاٻي پاسي هليو ويو. برٽش فوج وجھه وٺي بلوچ فوج کي پنهنجي حملي سان مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو. جان جيڪب، ڪئپٽن ڊيلامين ۽ ڪئپٽن اسٽئڪ پنهنجن سوارن سان اڳتي وڌيا، پر فوج کي خطري ۾ ڏسي، جلدائيءَ سان ڦليليءَ جو پيٽ لتاڙي، مٿي چڙهي، ٻئي ڪناري تي پهتا ته مير صاحب جي کاٻي طرف واريءَ فوج کي سامهون ڏٺائون. هنن ٽنهي فوجي عملدارن مياڻيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي بهادري ڏيکاري هئي. بلوچ سپاهين تي هنن اهڙو ته اوچتو ۽ تيز حملو ڪيو، جو کين هٿيار سنڀالڻ به مشڪل ٿي پيا ۽ انگريزي گھوڙي سوار، بلوچ سپاهين جي وچ واري حصي ۾ وڃي پهتا، جنهنڪري هو ساڄي ۽ کاٻي پاسي منتشر ٿي ويا. بلڪ بلوچ فوج ڇڙوڇڙ ٿي مارجي وئي. هاڻي برٽش فوج مير صاحب جي سوارن تي حملو ڪيو. نيپيئر کي پڪ ٿي ته جيڪڏهن اهو حملو ڪامياب ٿيو ته فتح يقيناً سندس ٿيندي. ان وچ ۾ انگريزي گھوڙن جو توبخانو پياديءَ فوج جي مدد لاءِ وڃي رسيو. ليفٽيننٽ سمٿ، جيڪو انهن جو سالار هو، سؤ ان وقت ته مارجي ويو، پر ناريجن جي ڳوٺ وارو رستو کوليو ويو. جنرل 22 نمبر فوج کي پنهنجيءَ ڪمان ۾ ڪيو. اتي بلوچ فوج مياڻن مان تلوارون ڪڍي وڏيءَ بهادريءَ سان وڙهي. مير شير محمد خان پاڻ به بهادريءَ سان تلوار هلائي رهيو هو. نظاماڻي ۽ لغاري قبيلن جا بهادر سپاهي پنهنجا سر تريءَ تي رکي پئي وڙهيا. نيپيئر جي 22 نمبر فوج جي مدد لاءِ 25 نمبر فوج به اچي رسي ۽ گھمسان جي لڙائي هلي رهي هئي. ٽالپرن جي سپاهين پنهنجي غيرت ۽ وفاداريءَ سبب سر ٽوڙ مقابلو ڪيو. سندن توبخانو پڻ حرڪت ۾ آيو، جنهن سبب 2 نمبر فوج جا ڪيترا سپاهي مارجي ويا. انهن به ڪيترا ٽالپرن جا سپاهي ماري وڌا. هاڻي فتح جو مدار انهيءَ وچ واري مقابلي تي هو. جيتوڻيڪ برٽش فوج ڪمزور ٿي چڪي هئي، پر بلوچ سپاهي به نه اپڙي سگھيا. ايتري ۾ ميجر هِٽ جي سالاريءَ هيٺ 25 نمبر توبخاني اڳتي وڌي مير صاحب جي توبخاني تي قبضو ڪيو. هٽ جي پٺيان وٽليءَ جو توبخانو به اچي رسيو. هوش محمد شيديءَ، مير شير محمد خان جو سپهه سالار ٿي، پنهنجن ساٿين سان لڙائيءَ جي ميدان ۾ وڏي بي جگريءَ سان وڙهي رهيو هو. هوش محمد پهرين مير صوبدار خان جو خاص نوڪر هو، جنهن مير صوبدار خان کي مياڻيءَ واري لڙائيءَ لاءِ گھڻو ئي آماده ڪيو، پر مير صاحب نه مڃيو، ان تي هوشو کيس ڇڏي پنهنجن ساٿين سميت مياڻيءَ ۽ دٻي جي لڙائين ۾ پنهنجو خاص ڪردار ادا ڪيو ۽ آخري لڙائيءَ ۾ شهيد ٿي ويو. نيپيئر، شهيد هوش محمد بابت لکيو آهي: ”مياڻيءَ ۽ دٻي وارين لڙائين ۾، هڪ سپهه سالار، جو ساراهه لائق آهي، تنهن ٻنهي لڙاين ۾ ڄڻ روح ڦوڪي ڇڏيو، هوش محمد شيدي، حبشي غلام، دل جو بهادر هو. هيءُ ۽ سندس ڀائر، جيڪي ميرن جا خاص نوڪر هئا، مياڻيءَ جي لڙائيءَ کانپوءِ پاڻ اسان جي سپرد ڪرڻ بجاءِ وڃي مير شير محمد خان سان مليا. هوش محمد دٻي جي لڙائيءَ ۾ بهادريءَ سان وڙهندي، 22 ريجيمنٽ جي ڪرچن هٿان مارجي ويو. دراصل هوش محمد جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ دٻي جي لڙائيءَ ۾ مير شير محمد خان لاءِ شڪست جا آثار نمودار ٿيا. ان ڪري ڪيترا گھوڙيسوار، ميدان ڇڏي ڀڄي ويا.” در حقيقت لڙائي ختم ٿي چڪي هئي، پر ناريجن جي ڳوٺ مان ٽالپر لشڪر انگريزن تي لاڳيتو توبزني پئي ڪئي. ايتريقدرجو نيپيئر جي اڳيان به گولو اچي ڪريو ۽ هو خوشقسمتيءَ سان بچي ويو، بلوچن وڏي بهادري ڏيکاري، پر سندن آخري پناهگاهه، ناريجن جو ڳوٺ هو، سو به وڃائي منتشر ٿي ويا. ناريجن جو ڳوٺ تباهه ۽ برباد حالت ۾ انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويو. لڙائيءَ ۾ فتح ٿيڻ سبب، انگريزي فوج نيپيئر جي مرحبا خوشيءَ جي ٽن آوازن سان ڪئي، مرزا عطا محمد شڪارپوري، جيڪو ان زماني ۾ موجود هو، پنهنجي ڪتاب ’تازه نوائي معارڪ‘ ۾ دٻي واري لڙائيءَ بابت لکي ٿو ته: ”مياڻيءَ واري لڙائيءَ کانپوءِ حيدرآباد جي ميرن کي نيپيئر جڏهن قيد ڪيو، تڏهن ميرپور جي والي مير شير محمد خان پنهنجي وڏيءَ فوج ۽ توبخاني سان نيپيئر جي مقابلي لاءِ حيدرآباد روانو ٿيو. انگريزي فوج به آئي ۽ وڏي مقابلي واري جنگ لڳي. پهرين شهيد هوش محمد ميدان ۾ آيو. جيتوڻيڪ ساڻس هڪ فوجي دستو هو، جنهن وڏي بهادري ڏيکاري، پر هوش محمد لڙائي ڪندي شهيد ٿيو، جنهن کانپوءِ مير غلام علي ابن مير عبدالله ٽالپر، رحيم خان ٽالپر، ڪمال خان مري ۽ نوحاڻي بلوچ 300 سپاهين سميت ميدان جنگ ۾ وڏي جوش ۽ خروش سان ويڙهه ڪئي. انگريزي فوج جو چڱو حصو ختم ڪيائون، جنهن تي نيپيئر ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي مٿي جا وار پٽڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ انگريزي فوج درهم برهم ٿي وڃي ها، پر اوچتو طوفان لڳو ۽ محمد خان ٺوڙهو، جيڪو انگريزن جي صلاح موجب مير شير خان سان ميدان جنگ ۾ آيو هو، تنهن ان وقت غداريءَ جو مظاهرو ڪندي مير صاحب جي بارود کي باهه ڏئي ڇڏي. پوءِ هو پاڻ ۽ خان محمد بن مير غلام علي خان ٽالپر ۽ غلام محمد لغاري، ٽئي واهه جو ترو ڏئي ڀڳا، جنهن سبب لشڪر ۾ پريشاني ٿي ۽ مير شير محمد خان به اها حالت ڏسي، ميدان کي ڇهن توبن سميت ڇڏي وڃي نصرپور نڪتو.“ دٻي جي لڙائي ڪل ٽي ڪلاڪ هلي، 12 بجي ٽاڪ منجهند جو جڏهن سج ڪاپار تي آيو ته ميرن جي اقبال تي زوال آيو. مير شير محمد خان پهرين ميرپورخاص پهتو ۽ ان کان پوءِ عمرڪوٽ ويو. 4 اپريل تي ليفٽيننٽ برائون عمرڪوٽ فتح ڪري قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ 8 اپريل تي نيپيئر به موٽي حيدرآباد آيو. عمرڪوٽ جي فتح کانپوءِ سموري سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ اچي وئي. آگسٽ 1843ع ۾، سنڌ کي برٽش انڊيا حڪومت سان ملايو ويو ۽ سنڌ جو پهريون گورنر سر چارلس نيپيئر کي بنايو ويو. منشي آوتراءِ پٽ صاحبراءِ آزاد ملڪاڻي، مير صوبدار خان جو منشي هو. مياڻيءَ واري جنگ جي فتح ٿيڻ واري ڏينهن، 17 فبروري 1843ع تي شام جو هو مير صوبدار خان طرفان سونن ٿالهن ۾ مٺايون ۽ سوغاتون چارلس نيپيئر ڏانهن کڻي ويو هو، تنهن سال 1896ع ۾ وڪٽوريا لائبرري حيدرآباد لاءِ ’ميرن جي صاحبيءَ جي آخري ڏينهن جو احوال‘ لکيو هو، جيڪو 1937ع ۾ راءِ بهادر هوتچند ڇپايو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ صفحي 61 تي دُٻي جي لڙائيءَ بابت تمام مختصر احوال ۽ انڌي مڱڻهار جا سرندي تي ڳايل بيت ڏنل آهن. ان جو بيان مير عطا محمد شڪارپوريءَ جي احوال سان ملندڙ جلندڙ آهي، پر اُن ۾ ڪي واقعاتي سهوون به آهن. [شاهنامهء سنڌ: مير حسن علي ٽالپر، ياد رفتگان: مير حُسين علي، تاريخ ٽالپر: مرزا عباس علي بيگ.]