هيءُ ماڳ هتي موجود ٻين ماڳن وانگر خاص اهميت رکي ٿو. هي دٻي، ڍنڍ جي ڀر ۾ هئڻ سبب هن کي ’دٻي ماڳ‘ جي نالي سان لکيو ويو آهي. ڍنڍ کان 200 ميٽرن جي مفاصلي تي موجود هن ' />
هيءُ ماڳ هتي موجود ٻين ماڳن وانگر خاص اهميت رکي ٿو. هي دٻي، ڍنڍ جي ڀر ۾ هئڻ سبب هن کي ’دٻي ماڳ‘ جي نالي سان لکيو ويو آهي. ڍنڍ کان 200 ميٽرن جي مفاصلي تي موجود هن ..." />
دٻي 4

دٻي 4

دٻي 4

دٻي 4 (ماڳ): هيءُ اوائلي دؤر جي صنعتي ماڳن مان هڪ اهم ماڳ اڇڙي ٿر، تعلقي ميرواھہ، ضلعي خيرپورميرس ۾ دٻي ڍنڍ وٽ 27° 7' 48" اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽56° 40' 68" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هيءُ ماڳ ڊرٻ جي چوٽيءَ تي واقع آهي. ماڳ جي مٿاڇري تان تيرن جا ٽڪرا ۽ هاڪڙي تھذيب جي سلسلي جو ٺڪراٺو پکڙيل ملي ٿو.
هيءُ ماڳ هتي موجود ٻين ماڳن وانگر خاص اهميت رکي ٿو. هي دٻي، ڍنڍ جي ڀر ۾ هئڻ سبب هن کي ’دٻي ماڳ‘ جي نالي سان لکيو ويو آهي. ڍنڍ کان 200 ميٽرن جي مفاصلي تي موجود هن ماڳ تان وڏي تعداد ۾ پٿر جي دور جي اوزارن جا ٽڪرا، ٽڪنڊا، چقمقي پٿر، چوڙيون، تيرن جا ڦڻ، چقمقي پٿرن جا بي ڊولا ٽڪرا، هٿ تي گهڙيل ٺڪراٺو، ٿانون جا ٽوٽا ۽ چَڪ تي لٿل ٺڪراٺو ملي ٿو. هتي ملندڙ ٺڪراٺي تي ڳاڙهي مٿان ڪارا ليڪا نقش ٿيل آهن.
ماهرن موجب هيءُ ٺڪراٺو سنڌو تھذيب جو آهي. هن ماڳ جو ذڪر Current Studies on Indus civilization vol:II ۽ ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ‘ ۾ پڻ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو