هيءُ ماڳ ڊٻ جي لاهيءَ تي واقع آهي، جتان ننڍا پٿر جا جا گڏيل اوزار مليا آهن. انهن اوزارن کانسواءِ ڪمايل پٿر جا پتا، ٺڪر جا نمونا، ڪوڏن جون چوڙيون وغيرہ بہ مليون آهن. هتان هڪ خاص قسم جي چوڙي بہ هٿ آئي آهي، جن' />
هيءُ ماڳ ڊٻ جي لاهيءَ تي واقع آهي، جتان ننڍا پٿر جا جا گڏيل اوزار مليا آهن. انهن اوزارن کانسواءِ ڪمايل پٿر جا پتا، ٺڪر جا نمونا، ڪوڏن جون چوڙيون وغيرہ بہ مليون آهن. هتان هڪ خاص قسم جي چوڙي بہ هٿ آئي آهي، جن..." />

دٻي-7

دٻي-7 (Dubi-7): هيءُ ماڳ بہ اوائلي پٿر جي دؤر ۽ سنڌو تھذيب سان واسطو رکندڙ صنعتي ماڳ، تعلقي ميرواھہ، ضلعي خيرپور ميرس جي اڇڙي ٿر ۾ دٻي ڍنڍ ۽ دُٻي- 5 ماڳ وٽ هڪ ڊرينهن جي ڀرسان 27° 08' 17" اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 68° 40' 30" ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي.
هيءُ ماڳ ڊٻ جي لاهيءَ تي واقع آهي، جتان ننڍا پٿر جا جا گڏيل اوزار مليا آهن. انهن اوزارن کانسواءِ ڪمايل پٿر جا پتا، ٺڪر جا نمونا، ڪوڏن جون چوڙيون وغيرہ بہ مليون آهن. هتان هڪ خاص قسم جي چوڙي بہ هٿ آئي آهي، جنهن ۾ سوراخ آهن. ان قسم جا زيور اڄڪلھہ جوڳي پائين ٿا. هتي ملندڙ پٿر جا اوزار هڪ ئي پٿر مان گهڙيل آهن. پٿر جي اوزارن ۾: پٿر جي ڇل، ڇريون، سراهي، کرچئو، سوراخ ڪڍڻ جا اوزار پڻ هٿ آيا آهن. هتي مختلف نمونن جو ٺڪراٺو پکڙيل آهي، ان ٺڪراٺي ۾ گهڻي تڻي ٺڪر تي اڪثر سينگار لاءِ ڳاڙهي اوچي تي ڪارو ليڪو آهي، جيڪو سنڌو تھذيب سان واسطو رکي ٿو.
هن ماڳ تان مليل وٿون اڇڙي ٿر ۾ اسريل تھذيب بابت چڱي معلومات فراهم ڪن ٿيون. هن ماڳ جو ذڪر Current Studies in Indus Civilization جي مصنف ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو