
دٻڪي
دٻڪي: دٻڪي گول ۽ تراکڙي پيش، کجيءَ جي ڦرهن، ڪڻڪ جي سنهڙين تيلين مان ٺهندي آهي ۽ ان تي ماني رکي ويندي آهي. دٻڪيءَ جي چؤڌاري ڪنار تي پشم يا سٽ جا رنگين ٽنئور بہ هنيا ويندا آهن، جنهنڪري اها زيبائتي ۽ وڻندڙ لڳندي آهي. هاڻي پلاسٽڪ ۽ نائيلون جون دٻڪيون بہ عام استعمال ۾ اچن ٿيون، پر اڄڪلھہ ڪڻڪ جي تيلين مان ٺهيل دٻڪي گهڻي پسند ۽ استعمال ڪئي ويندي آهي. ٿر ۽ لاڙ ۾ هن کي ڇٻي بہ چيو ويندو آهي.