دڙو ناروءَ جو: هي دڙو ٽنڊي مستي ۽ ڪوٽڏيجيءَ جي رستي ڀرسان ڪوٽڏيجيءَ کان اٽڪل ستن ميلن جي پنڌ تي آهي. هي واريءَ جو هڪ دڙو آهي، جنهن جي ڊيگهہ اڍائي هزار فوٽ، ويڪر پندرهن سؤ فوٽ ۽ اوچائي پنجويھہ فوٽ آهي، هتي ڪافي ٺڪراٺو مليو آهي. هتان ڌنارن جي هٿان لڌل ٺڪريون ۽ ڪجهہ ٺڪر جا ٿانو پراڻي تھذيب جي نشاندهي ڪن ٿا. 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر گهور هي دڙو ڏسي ٻڌايو هو تہ هي دڙو ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جو دڙو ٻئي هڪڙي وقت جا ۽ پراڻي تھذيب جا يادگار آهن ۽ اتان هٿ آيل ٺڪريون ۽ ٿانوَ موهن جي دڙي مان لڌل شين سان مشابهت رکن ٿا. پهرين سيپٽمبر 1955ع تي آثارِ قديمہ کاتي وارن ناروءَ جي دڙي جو معائنو ڪيو هو. هنن ڪجهہ کوٽائي ڪري اهو اندازو لڳايو هو تہ هي ٺڪراٺو صرف ڇھن انچن اندر آهي.
هتان ڪجهہ ٺڪر جا ٿانو بہ لڌا ويا آهن، جيڪي هڙپا تھذيب سان مشاهبت رکن ٿا هن دڙي ۾ ڪي عمارتون وغيرہ ڪين آهن، ان ڪري ماهرن جو خيال آهي تہ هتي هڙپا وارن عارضي طور ڪجهہ وقت رهائش اختيار ڪئي هوندي. سنڌ جي نامياري ڏاهي، عالم ۽ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ ناروءَ جي دڙي جي معائني دوران هڪ سالم لوٽي ۽ ڪجهہ رنگين ٺڪريون هٿ ڪيون هيون، جيڪي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري ۾ جمع ڪرايون هئائين.